ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان ايف آءِ اي هوٽل تي ڇاپو هڻي ٽن انساني سمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي جي انساني سمگلنگ جي خاتمي واري سرڪل جي عملي شاهراهه فيصل تي ايئرپورٽ ڇوٽا گيٽ ويجهو هوٽل تي ڇاپو هڻي 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو، جن ۾ 3 سمگلر ٻڌايا پيا وڃن.
اختيارين موجب، گرفتار ڪيل ماڻهن ۾ 4 مسافر آهن، جن کي انساني سمگلرن عراق موڪلڻ لاءِ ڳري رقم ورتي هئي ۽ کين پرڏيهه اماڻن لاءِ رٿابندي ڪري رهيا هئا.
ذريعن موجب، گرفتار ايجنٽن ۽ مسافرن کي ايڇ ٽي سي منتقل ڪيو ويو، جن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
You might also like