اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو جنهن ۾ پي ٽي آءِ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق مذاڪراتي ڪميٽي جو اجلاس 28 جنوري تي منجهند پوڻي ٻارهين وڳي طلب ڪيو آهي.
حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ پي ٽي آءِ اڃا تائين شرڪت کان معذرت ناهي ڪئي.
حڪومتي ترجمان موجب، پي ٽي آءِ اڃا تائين لکت ۾ جواب کان آگاهه ناهي ڪيو ته هو ڳالهيون ختم ڪري رهيا آهن.
You might also like