واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج شهريت جو پيدائشي حق ختم ڪرڻ بابت صدر ٽرمپ جو حڪمنامو عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻڌڻي دوران آمريڪي وفاقي جج انتظاميا جي وڪيل کان سوال ڪيو ته وڪيل ڪٿي هئا، جڏهن ٽرمپ جي ٽيم اهو صدارتي حڪمنامو جو مسودو تيار ڪري رهيا هئا.
آمريڪي جج چيو ته ان حڪمنامي جي آئيني حيثيت جي وڪالت جي دعويٰ دماغ چڪرائي ڇڏيو، چوڏهين آئيني ترميم تحت آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار شهريت جو حقدار هوندو آهي.
جج آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قدم کي غير آئيني قرار ڏنو ۽ وڌيڪ ڪارروائي تائين صدارتي حڪمنامو 14 ڏينهن لاءِ التويٰ ۾ وجهي ڇڏيو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي قسم کڻڻ کانپوءِ شهريت جو پيدائشي حق ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
You might also like