اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت اتحادين سان مشاورت بنا فيصلا ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو نظام ناهي جنهن ۾ حڪومت عوام جي مرضي بنا هلي، جڏهن ڪنهن نظام ۾ حڪمران پنهنجي مرضي هلائين، عوام جي خواهشن ۽ مرضي کان پري ٿي وڃن ته سڄو نظام ڪِري پوندو آهي. هن چيو ته جڏهن هڪ طرفي پاليسي ٺاهي ويندي آهي، ڳالهه ٻولهه بنا فيصلا ڪيا ويندا آهن ته انهن فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان کي اسلامي جمهوري وفاقي نظام ڏنو، جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اڄ تائين جيڪو اتفاق راءِ هلندو پيو اچي اهو نه هجي ها. سندس چوڻ هو ته حڪومت جيڪي پاليسيون ٺاهي رهي آهي، انهن ۾ اپوزيشن ته پري جي ڳالهه اتحادين کان ئي صلاح مشورو ورتو وڃي ته پاليسيون وڌيڪ بهتر ۽ ڪامياب ٿينديون، اسان جي تجويز آهي ته چونڊيل نمائندن جي اتفاق راءِ سان پاليسي ٺاهي وڃي ته اهو پارليامينٽ ۽ ملڪ لاءِ بهتر هوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان حڪومت جي رستي ۾ رنڊڪ نٿا بڻجڻ چاهيون پر حڪومت اتحادين سان مشاورت بنا فيصلا ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي.