اسلام آباد (بيورو+م ڊ )پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس 24 جنوري تي ٿيندو. پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جا سمورا ميمبر شرڪت ڪندا. ذريعن موجب سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سياست بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا.