اتر سنڌ عورتن لاءِ مقتل گاهه بڻيل،ميان صاحب ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري ڪهي قتل

شڪارپور /ميان صاحب (نمائندن وٽان ) ميان صاحب ڀرسان جاڳڻ ايٽ همايون ٿاڻي جي حد پير شاهه جليل سامهون گذريل رات دير سان جوابدار مڙس ضمير حسين مارفاڻي ڪارنهن الزام ۾زال 28 ورهين جي خانزادي مارفاڻي کي ڪارنهن جي الزام ۾ ڪاتي سان ڪُهي قتل ڪري لاش گهر ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي جاڳڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي شڪارپور جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو،  هوڏانهن جاڳڻ ايٽ همايون ٿاڻي تي سرڪار پاران جوابدار ضمير مارفاڻي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،  جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.