ڪراچي مان هڪ وڌيڪ ٻارڙو پراسرار نموني گم،انگ 9 ٿي ويو

ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي ۾ ٻارن جي گم ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پي آءِ بي ڪالوني مان هڪ ٻيو ٻارڙو گم ٿي ويو، ڪراچي ۾ گم ٿيل ٻارن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پي آءِ بي ڪالوني مان وڌيڪ هڪ ٻارڙو گم ٿي ويو، جڏهن ته باغ مان گم ٿيل ٻارڙا 9 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيا.ڪراچي ۾ ٻارن جي گم ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پي آءِ بي ڪالوني فرقان آباد مان 10 ورهين جو عبدالرحمان گم ٿي ويو.وارثن جو چوڻ آهي ته 10 ورهين جو ٻار عبدالرحمان کيڏڻ لاءِ گهران ٻاهر نڪري ويو ته واپس نه آيو، ٻار جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، جڏهن ته پوليس کي ٻارڙي جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو آهي. ٻئي طرف ڪراچي جي علائقي گارڊن مان گم ٿيل ٻارڙا 9 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيا، گارڊن پوليس ۽ ريسڪيو ادارن گڏيل آپريشن ڪري ٻارڙن جي ڳولا شروع ڪئي.پوليس ۽ ريسڪيو ادارن دريائن، نالن، پاڻي جي ٽينڪن ۽ بند هنڌن تي ٻارڙن جي ڳولا ڪئي. وارثن جو چوڻ آهي ته 9 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻارڙن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. واضح رهي ته گارڊن ويسٽ مان 5 ورهين جو عليان عرف علي ۽ 6 ورهين جو علي رضا گم ٿي ويا هئا، جنهن ۾ پوليس 19 جوابدارن کي حراست ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته جوابدارن وٽان ٺوس ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ 17 جنوري تي به 2 ٻارڙا گم ٿيا هئا، 15 ورهين جي زهرا بتول گلشن اقبال مان ۽ 17 جنوري تي 10 ورهين جي ايان اورنگي ٽائون مان گم ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون فرنٽيئر ڪالوني مان لاپتا ٿيل 14 ورهين جي مبشر آگره تاج ڪالوني مان مليو، گهرڀاتين موجب اڻڄاتل نمبر تان فون آيو ته سندس ٻار آگره تاج ڪالوني ۾ آهي، ٻئي طرف سر سيد ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل 4 ورهين جي نينگريءَ به هٿ آيو آهي، نينگري صبح ساڻ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ گهر ٻاهران کيڏندي گم ٿي وئي هئي، ان کان اڳ 18 جنوري تي ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي مان 11 ڏينهن کان گم ٿيل 7 ورهين جي صارم جو لاش سندس گهر ڀرسان زير زمين پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ آيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.