اسلام آباد(م ڊ)مملڪتي وزير شزا فاطمه انڪشاف ڪيو ته ڪو به سرڪاري کاتو ڊجيٽل ٿيڻ نٿو چاهي، مون کي سرڪاري ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ جنگ وڙهڻي پئجي رهي آهي، اسان کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته رشوت جي بازار کي ختم ڪرڻو آهي يا نه. قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام) جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.اسٽينڊنگ ڪميٽي حڪومت جو تجويز ڪيل ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2024ع منظور ڪري ورتو، بل جي حق ۾ 10 ووٽ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي 6 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.هن چيو ته ڊيٽا کي ڪنهن هڪ اداري سان سينٽرلائيز نه ڪيو پيو وڃي، مالياتي فراڊ جا مسئلا اڃا به سامهون اچي رهيا آهن، قومي سطح تي سائبر سيڪيورٽي جا خطرا وڌي رهيا آهن.مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته شارڪ مڇين انٽرنيٽ ڪيبل ڪٽي ڪٽي انٽرنيٽ جي رفتار سست ڪري ڇڏي آهي، جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيندو آهي ته انٽرنيٽ جي رفتار سست ٿي ويندي آهي، ڪميٽي ميمبر عمير نيازي چيو ته ملڪ جي ڊجيٽل معيشت تباهي جي ڪناري تي آهي، ڊجيٽل ڪميشن ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ڪميٽي ميمبر شير ارباب چيو ته فائر وال لڳائڻ سان اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي،عمر ايوب چيو ته پي ٽي اي چيئرمين اڳ ۾ ئي رٽائرڊ آرمي آفيسر آهي، نادرا، پي ٽي اي ۾ رٽائرڊ فوجي جنرل ويٺا آهن، اوهان جا پروفيشنل ڪٿي آهن؟ مون کي خدشو آهي ته ڊيٽا ڪيئن محفوظ ٿيندي، ان کي غلط استعمال ٿيڻ کان ڪيئن روڪيو ويندو؟