ڪراچي (رپورٽر)سنڌ بار ڪونسل جي وائيس چئيرمين ايڊووڪيٽ ڪاشف حنيف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ 26 آئيني ترميم کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته آئيني ترميم جي تحت عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري کي روڪيو ويو آهي، 26ترميم آئيني ترميمي بنيادي شقن جي خلاف آهي، پارليامينٽ پاران عدليه جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش آهي، ترميم جي ذريعي عدليه کي ايگزيڪٽو جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي درخواست ۾ فوري ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي آهي.