اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عادل بازئي بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ڪنهن به سياسي پارٽي ڏانهن مائل هجڻ جو تاثر غلط آهي. اليڪشن ڪميشن عادل بازئي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان نااهلي جو فيصلو ٻيهر ويب سائيٽ تي ظاهر ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ڪنهن به سياسي پارٽي ڏانهن مائل ٿيڻ جو تاثر حقيقتن جي ابتڙ آهي. مبصرن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ کان اڳ فيصلي کي غور سان پڙهڻ گهرجي