مورو/ٺارو شاهه/ڀريا/ڀرياسٽي(نمائندا)سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شروع ڪيل عوامي جاڳرتا مهم ” سنڌ اسان جي ماءُ سنڌو اسان جو ساھ مهم” جي سري هيٺ مورو ۾ جلسو ڪيو ويو جنهن کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه نه فقط سنڌ جي معيشت ۽ زندگين جي جياپي جو ذريعو آهي پر ان سان گڏ هزارين سالن جي تهذيب ثقافت ۽ تمدن جو اُهڃاڻ آهي،ڇھ ڪئنال ٺاهڻ جو اعلان ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ سنڌ جي لاءِ خطرناڪ آهي هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين قبضو ڪري مقامي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيون آهن24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ لکين ماڻھو گڏ ڪنداسين،هن چيو ته سنڌ شروع کان چوندي رهي آهي ته جيڪي سرڪاري زمينون آهن اهي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. پر هي حڪمران سنڌ کان جياپي جو ذريعو سنڌو درياهه۽ سنڌ جي زمين کسڻ چاهين ٿا. ان موقعي تي انجنيئر گلزار سومرو،حيدر شاھاڻي،نثار ڪيريو،هوت خان گاڏهي،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ،ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ٺاروشاھ ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ٺاروشاھ سجاڳ ماڻھن جو شھر آھي،سنڌو تي ٺھندڙ ڪينال تي ڪم جاري آھي جنھن خلاف اسان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون،هن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زرعي زمين فوجين کي ڏني پئي وڃي شھباز شريف ڪير ٿيندو آھي جيڪو اسان جو پاڻي چورائي مگر اسان جي جسم جو حصو خراب ٿيو آھي جنھن جي مدد سان اسان جو پاڻي چورايو پيو وڃي هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي جوڻيجا هائوس ڀريا ۾ محمد صابن جوڻيجو ۽ سلطان جوڻيجو سان فوت ٿي ويل سئوٽ استاد منور جوڻيجو ۽ منظور جوڻيجو جي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي عوام آڏو ڪئنال نه ٺھي ڪئنال نه ٺھي جي ڳالهھ سنڌي ماڻھن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪن ٿا،پ پ وارا پنجاب سان هن سموري منافقي ۾ گڏ آھن،هن چيو ته سنڌو درياهه اسان جي شهھ رڳ آھي ان لاءِ سموري سنڌي قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو،هن چيو ته ڀرياسٽي جي غريب آباد ڪالوني جي رھواسين کي اڳوڻو ايم پي اي زبردستي اٿاري سندن گھر ڊاھڻ چاھي ٿو.