ڪراچي( رپورٽر) انساني حقن جي ڪميشن جي سربراهه اقبال بٽ چيو ته هڪ ڪمزور اقليت جي حفاظت نه ڪرڻ ۽ انهن جي ملڪ کان ٻاهر لڏ پلاڻ مان رياست جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي، جنھن تحت ڪيترائي ھندو خاندان لڏ پلاڻ تي مجبور بڻيل آھن. هن نشاندھي ڪئي ته سنڌ ۾ هندو برادري جي خلاف تشدد ۽ مت ڀيد کي گهٽ رپورٽ ڪيو ويو آهي، ڪيتريون ئي اهڙيون اقليتي برادريون ٻاهرين ملڪن ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيون انھن ملڪن ۾ هندستان به شامل آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍي چيو ته سنڌ صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري ڪيترن ئي هندو خاندانن کي ڏوهاري ٽولن پاران ڀتي خوري جي حوالي سان نشانو بڻايو ويو آھي. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي چيو ته زبردستي مذهب تبديل ڪري شاديون ڪيلن مان جيڪي به نياڻيون پناهه لاءِ ٻاهر نڪري اچن ته اسان کين تحفظ ڏيڻ سان گڏ انهن جي سماجي قانوني مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ايڇ آر سي پي جي ڪائونسل ميمبر پشپا ڪماريءَ هندو عورتن جي اغوا، زبردستي مذهب مٽائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادي وارن خطرن تي روشني وڌي. ڪائونسل ميمبر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر توصيف، صحافي سهيل سانگيءَ سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته هندو برادري لاءِ محفوظ ۽ باوقار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ جلد قدم کڻڻ گهرجن، جنهن ۾ وڌيڪ اثرائتي قانون کي لاڳو ڪرڻ به شامل آهي ۽ پوليس کاتي ۾ هندن جي وڌيڪ نمائندگي شامل ڪئي وڃي. مقامي هندو برادرين جي حوالي سان ايڇ آر سي پي جي مطالعي ۾ سنڌ مان هندو خاندانن توڙي فردن جي لڏپلاڻ واري مسئلي جو جائزو وٺڻ لاءِ قابل اعتماد ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي. اقليتن خلاف تشدد ٿيندڙ اڪثر علائقن ۾ خاص قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا يونٽ قائم ڪيا وڃن، جن ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ، ننڍي عمر جي شادي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.