جڏهن ڪنهن جُهور پوڙهي ماءُ جي ڪنن سان اوچتو اها خبر ٽڪرائجي ته هُن جو پرڏيهھ ڪمائڻ لاءِ ويل جوان جماڻ پٽ رستي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب سامونڊي لهرن جي ور چڙهي نه ڄاڻ ڪهڙي آبي مخلوق جو کاڄ بڻجي ويو آهي، تڏهن جيڪا اڀ ڦاڙ رڙ گونجي پڙاڏو بڻجي آسمان طرف رواني ٿئي ٿي، ان ڪرڀناڪ منظر تي ڪيترا نه هنيانءَ ڏڪي وڃن ٿا !. پر ايڏي وڏي هاڃي تي انهن بي رحم ۽ پٿر بڻجي ويل دلين کي ڇا ڪجي جيڪي انساني اسمگلنگ جون هيراڪ بڻجي ويون آهن؟
انساني اسمگلنگ سچ پچ ته هڪ سنگين جرم ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو عالمي ڏوھ آهي، جنهن تحت سرحدن، ثقافتن ۽ معاشي نظامن کي پاسائتو رکي حرس،لالچ جي انڌوڪاري گپ ۾ ڌڪي، هر سال لکين مردن، عورتن ۽ ٻارن کي بي رحمي جي ٽياس طرف ڌڪيو وڃي ٿو. عالمي طور اڀرندڙ ۽ وڌندڙ هن ڏوھ تي ضابطو آڻڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي ڪوششن جي باوجود به الائي ڪيئن انساني اسمگلنگ ڪجھه ڏوهاري ذهنن جي لالچي ترويجن ۽ حڪومتي نظام جي ناڪامين جي ڇانو ۾ ترقي ڪري رهي آهي.
حقيقت ۾ انساني اسمگلنگ جديد غلامي جي هڪ اهڙي شڪل آهي جنهن کي خوبصورت مستقبل جا خواب اڻندڙ ڪجھ فرد بنا سوچڻ سمجهڻ جي قبول ڪري ويهن ٿا ۽ اهو هرگز نٿا سوچين ته دراصل هي اهڙو جرم ڪرڻ جا مرتڪب ٿي رهيا آهن جيڪو ڪندي هڪ شخص پنهنجي مفادن ڪاڻ چند ڏوڪڙ ڦٻائي ڪنهن ٻئي فرد جي خوابن ۽ بهتر مستقبل جو استحصال ڪري رهيو آهي۔
دور انديشي جي عينڪ اکين مٿان پائي ڏسجي ٿو ته اڪثر انساني اسمگلر سندن فريبي ڄار ۾ ڦاسي آيلن جي مجبورين جو فائدو وٺندي اڪثر انهن مٿان جسماني تشدد ڪن ٿا ۽ متاثر شخص جي آزادي محدود ڪري ڇڏين ٿا۔
اڪثر طور پنهنجي ملڪن ۾ روزگار جي تنگي کان بيزار ٿيل شخص مرد توڙي عورتون ٻارڙن سميت هنن انساني اسمگلرن جي ڄار ۾ ڦاسڻ بعد انهن آڏو جنسي استحصال جو شڪار پڻ ٿي رهيا آهن. انهن انساني اسمگلرن پاران ڪيترن فردن کان معمولي معاوضي عيوض يا بنهھ بناپگهار جي نهايت ئي خراب حالتن ۾ سخت پورهيو ڪرايو وڃي ٿو۔ انهن کي علاج معالج توڙي سماجي رابطن کان پري قيد تنهائي ۾ رکيو وڃي ٿو. ڪيترن فردن کي ڏوهاري سرگرمين ۾ مبتلا ڪري انهن کان منشيات فروشي، هٿيارن جي اسمگلنگ يا قتل و غارت جهڙن ڪمن ۾ ڌڪي انهن کان سنگين ڏوهن وارا ڪم پڻ ورتا وڃن ٿا. اهو سڀ ڪجهھ گهڻي قدر غيرقانوني طور پرڏيھه ويندڙن سان ئي ٿئي ٿو ڇوته اهي انساني اسمگلنگ ڪندڙ گروهن جي ور چڙهيل هجن ٿا، پوءِ اهي گروہ ڪيترن ئي ضرورتمندن جي مجبوري جو فائدو وٺي انهن جا ڪارگر انساني عضوا وڪڻي ۽ انهن کي معذور بڻائي آخر کين پنڻ جي ڪرت تي ويهاري ڇڏين ٿا.
اها به حقيقت آهي ته اسمگلنگ جو نيٽ ورڪ اڪثر نفيس هوندو آهي، جيڪو خوابن جي پوري ڪرڻ جا ڏٽا دلاسا ڏئي قومي ۽ بين الاقوامي حدن ۾ ڪم ڪندو آهي، جنهن ڪري اهڙن ڏوهن کي ڳولڻ ۽ ختم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.باقي انساني اسمگلنگ جو شڪار اڪثر ڪري اهي ٿي رهيا آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آهن. جهڙوڪ؛ غربت جا ستايل، تعليم جي کوٽ وارا ذهن، سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيل، هٿياربند تڪرارن کان خوف کائيندڙ، ۽ قدرتي آفتن جي ڏجهن ۾ پيڙجندڙ؛ اهي ماڻهو روزگار يا بهتر زندگي جا ڪوڙا واعدا ٻڌي اسمگلرن جي ڄار ۾ ڦاسي وڃن ٿا.
ثابت ٿي رهيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ وسيع مسئلو آهي، جيڪو دنيا جي هر علائقي کي متاثر ڪري ٿو. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جي مطابق اٽڪل 27.6 ملين ماڻهو عالمي سطح تي جبري مزدوري ۽ جنسي استحصال جو شڪار آهن.جڏهن ته اسمگلنگ مجرمن لاءِ وڏو منافعو پيدا ڪري رهي آهي. ILO جو اندازو آهي ته صرف جبري مزدوري، غير قانوني منافعي ۾ هر سال 150 بلين ڊالر پيدا ڪري ٿي. جڏهن ته ڪجھ ذريعن جو چوڻ آهي ته سموري دنیا ۾ انساني اسمگلنگ وسيلي حاصل ٿيندڙ ماليت جو ساليانو تخمينو 5.5 کان 7 ارب آمریڪي ڊالر آهي جيڪو مالديپ يا مونٽي نيگرو جي مجموعي قومي پيداوار جي برابر آهي.
جيتوڻيڪ رپورٽن موجب 2022ع کان 2023ع تائين اسمگلرن 223,000 ماڻهن کي غيرقانوني طور بحره روم وسيلي شمالي آفریقا ۽ اٽلي تائين پهچايو هو، جڏهن ته 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ان دوران موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا، پر پوءِ به ان ظلم خلاف ڪو آواز بلند نه ٿي سگهيو. اسمگلنگ جي عملن جي هن پوشيده نوعيت ۽ خوف، بدنامي يا شعور جي کوٽ سبب متاثرين جي اڳيان اچڻ کان انڪار ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيو آهي.
انساني اسمگلنگ جي سببن کي ڳولجي ته هي ٻه عنصر خاص نظر اچن ٿا:
معاشي تفاوت: غربت ۽ معاشي موقعن جي کوٽ ماڻهن کي بهتر امڪانن جي ڳولا لاءِ زور ڏئي ٿي.
ڪرپشن: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرحدي اهلڪارن ۽ سرڪاري اختيارين جي وچ ۾ ڪرپشن اسمگلنگ نيٽ ورڪ کي آسان بڻائي ٿي.
انساني اسمگلنگ جا نتيجا تباهه ڪندڙ آهن، متاثرين اڪثر ڪري جسماني، جذباتي ۽ نفسياتي بدسلوڪي کي برداشت ڪن ٿا، ذهني صحت جي خرابين جهڙوڪ ڊپريشن ۽ پوسٽ ٽراميڪ اسٽريس ڊسڪٽر (PTSD) جو شڪار ٿي سگهن ٿا. نه رڳو ايترو پر فرد کان هٽي انساني اسمگلنگ سماجي ڍانچي کي پڻ نقصان پهچائي ٿي، اها عدم مساوات کي برقرار رکي منظم ڏوهن کي هٿي ڏئي ٿي، قانون ۽ سرڪاري ادارن مٿان اعتماد کي ختم ڪري ٿي. ان کان علاوه معاشي ترقي کي روڪي ٿي برادرين کي استحصال ٿيل ماڻهن جي امڪاني مدد کان محروم ڪري ٿي.
وفاقي حڪومت طرفان هڪ پاسي گذريل سال انساني اسمگلنگ جي خطرن بابت آگاهي مهم هلائيندي پاڪستان ۾ 10 لک معلوماتي ڪتابڙا ورهايا ويا هئا. ته ٻئي طرف پاڪستان يو اين او ڊي سي” ۽ "يورپي يونين” جي تعاون سان گذريل سال بحره روم ۾ پيش آيل ٻيڙي حادثي دوران پاڪستانين جي جانين کي پهتل نقصان بعد انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عناصرن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ شروع ڪئي هئي. تازو ئي وفاقي حڪومت جي هدايتن تي ايف آءِ اي موجوده هڪ مهيني دوران 185 انساني اسمگلرن ۽ سندن ایجنٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جن ۾ ريڊ بڪ ۾ شامل 38 انتهائي گهربل انساني اسمگلر پڻ شامل آهن۔ يونا ٻيڙي سانحي 2024ع ۾ ملوث 16 ايجنٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ هن ڏوھ ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ 20 ايف آءِ اي جي اهلڪارن کي پڻ حراست ۾ وٺي کانئن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي۔
سال 2023 ع يونان جي حادثي حوالي سان 15 اشتهاري، 15 ماسٽر مائينڊ انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ملزمن جي 45 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي ملڪيتن کي ضبط ڪيو ويو آهي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عناصرن جي استعمال ۾ ايندڙ 7 ڪروڙ روپين جي ماليت رکندڙ بينڪ اڪاؤنٽ منجمد ڪيا ويا آهن۔ انٽرپول وسيلي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ملزمن جي گرفتاري لاءِ 20 ريڊ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔
يونان ٻيڙي حادثي ۾ مري ويلن جي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 38 ايف آءِ اي اهلڪارن کي ملازمت مان فارغ ڪيو ويو آهي. هن ڏس ۾ ناقص جاچ ۽ پيروي ڪرڻ تي 12 ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي چارج شيٽ ڏني وئي آهي، ناقص نگراني ڪرڻ جي ڏوھ ۾ 4 زونل ڊائريڪٽرن کان وضاحت گهري وئي آهي۔
انساني اسمگلنگ جهڙن ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ملڪ جي مڙني ايئرپورٽن تي مقرر آفيسر اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي گرفتاري لاءِ سخت نگراني ڪري رهيا آهن. ايئرپورٽ انچارجن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪوبه ایجنٽ پرڏيهھ فرار نه ٿي سگهي.
ڏٺو وڃي ته هن اهم اڳڀرائي جي باوجود انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ ۾ ڪيترائي چئلينجز موجود آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام منجهان باشعور فردن کي به اڳتي نڪري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ اهي نتيجا حاصل نه ٿي سگهندا، جيڪي نتيجا هڪ عام محب وطن حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي.