ملير ۾جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ڌيءَ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي/چمبڙ (رپورٽ:شاهد ڪورائي/ثوبيا کوسو) چمبڙ ويجهو ڳوٺ بچل ماڇي جي رهواسي 22 سالا  نوجوان عاشق سولنگي کي ڪراچي جي علائقي ملير جي رفاهه عام سوسائٽي  ۾ اظهر نالي شخص  پنهنجي 18 سالن جي ڌيءَ  فاطما ۽ ڳوٺ بچل ماڇي جي واسي نوجوان عاشق سولنگي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، ملير پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار پوليس سامهون ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته نوجوان جي منهنجي ڌيءَ  سان دوستي هئي اڄ هو لڪ ۾ ساڻس ملڻ آيو ته مون  ڏسي ورتو، غيرت ۾ اچي ٻنهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيم،  ٻئي پاسي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن عوامي آواز کي ٻڌايو ته نوجوان جي ڇهه مهينا پهرين شادي ٿئي هئي ۽ هن جي سهري جو ڪراچي ۾ ڊيڪوريشن جو دڪان هو ۽ ڇوڪرو اسپتال ۾ ڊسپنسر طور ڪم ڪندو هو، اڄ اچانڪ ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڏٺوسين ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، نوجوان جي قتل جو ٻڌي سندس والدين ۽ گهرواري بيهوش ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.