ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ وائيس آف بلوچ مسنگ پرسنز جي جنرل سيڪريٽري سمي دين بلوچ جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته درخواستگذار کي آف لوڊ ڪنهن ڪيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته ايف آءِ اي آف لوڊ ڪيو آهي، عدالت پاسپورٽ عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار جو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڇو شامل ڪيو ويو، .پاسپورٽ عملدارن جواب ۾ چيو ته بلوچستان حڪومت جي خط تي پاسپورٽ کي ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ۾ چيو ته ان ڪيس جو چالان جمع ڪيو ويو آهي، پاسپورٽ عملدارن چيو ته اسان کي ڪيس جي حوالي سان ڄاڻ ناهي،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ بلوچستان جي گهروکاتي کان جواب طلب ڪندي 19فيبروري تائين ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .