لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ 10هين ڪلاس جي نصاب ۾ ڪلثوم نواز ۽ مريم نواز جون تصويرون شامل ڪيون ويون آهن، تعليم کاتي جي ترجمان به اهڙي تصديق ڪري ڇڏي آهي، نصاب ۾ مريم نواز کي پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ طور تسليم ڪيو ويو آهي، بااثر عورتن جي ڪاميابين ۾ مريم نواز جي نالي سان پاڪستان اسٽڊي جي باب 8 جي صفحي 163 تي مريم نواز کي شامل ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فاطمه جناح، نصرت ڀٽو، فهميده مرزا وانگر مريم نواز ۽ ڪلثوم نوازجا نالا ۽ تصويرون نصاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن، نظرثاني ٿيل درسي ڪتاب هن وقت ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي، نئين نصابي ڪتاب جو آن لائن ورزن موجود آهي.