پنوعاقل (ن ع آ )پني عاقل ڀرسان بائجي ٿاڻي جي حد الشفا مسجد وٽان موٽرسائيڪلن جي مستري 40 سالن جي اختر آرائين جو گوليون لڳل لاش آيو، بائجي ٿاڻي جي پوليس پھچي سڃاڻپ ڪرڻ بعد وارثن کي گھرائڻ کانپوءِ لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاءِ وارث حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول موٽرسائڪلن جو مستري ھو سومر جي شام پنوعاقل ڀرسان پتافين جي ڳوٺ موٽرسائيڪل ڏيکارڻ جو چئي نڪري ويو جيڪو واپس موٽيو ئي نه سندس نمبر به بند ھئا، ڳولا بعد پتو نه پئجي سگھيو هو، هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪنھن سان به دشمني ناھي، ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري مقتول جي خون سان انصاف ڪن.