اسلام آباد (م ڊ) پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت ۽ سندس اتحادي پيپلز پارٽي آمهون سامهون ٿي ويون، سينيٽر شيري رحمان حڪومت تي سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي مان ڪٽوتي ڪرڻ جو الزام هنيو، جڏهن ته سينيٽر عرفان صديقي واضح ڪيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪينال ٺاهي رهيو آهي ته ان ۾ ڪو اعتراض نه ٿو ٺهي، سينيٽ اجلاس ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان سنڌو درياهه تي ڪمرشل ڪموڊٽي فارمنگ لاءِ بيراج، ڊيمز ۽ ڪينال ٺاهڻ بابت تحريڪ التوا پيش ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف سنڌ جي هر علائقي ۾ سخت احتجاج آهي ۽ حڪومت فيصلو ڪرڻ کان اڳ سنڌ سان ڪو به مشورو نه ڪيو، جڏهن ته سي ڊي ڊبليو پي اجلاس ۾ وڏي وزير سخت اعتراض جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته چولستان جي ريگستان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪئنال ٺاهي سنڌ جي حصي جو پاڻي کنيو پيو وڃي، شيري رحمان سوال اُٿاريو ته جڏهن پاڻي ناهي ته پوءِ 7 ملين ايڪڙ ايراضي ڪيئن زرخيز بڻايو ويندو؟ ڪوٽڙي ۽ گڊو کان هيٺ سنڌو درياهه موج ۾ هوندو هو، ڇوليون هڻندو هو، هاڻ اها صورتحال ڪٿي آهي، سڀني کي خبر آهي ته پاڻي گهٽ آهي، هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي پر اتان جا شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪن ٿا، ڪراچي ۾ ماڻهن وٽ وسيلا آهن پوءِ به پاڻي جي اها صورتحال آهي، هڪ صوبو رڙيون ڪري رهيو آهي پر ڪير نٿو ٻڌي، ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، هن چيو ته جيڪا ڊيٽا هتي پيش ڪئي وئي آهي، اها حقيقتن جي ابتڙ آهي، ارسا پاڻ 25 سالن کان پاڻي جي گهٽتائي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ارسا چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رهي آهي، اهو مسئلو 40 سالن کان رهيو آهي، ان معاملي تي سنڌ ۽ بلوچستان کي ٻڌڻ گهرجي ۽ هڪ ڪميٽي ٺاهي معاملي کي اٿاريو وڃي، هن چيو ته اسان ورهاست واري سياست نٿا چاهيون، پاڻي جي ورڇ هڪ مبهم ۽ تڪراري مسئلو رهيو آهي، معاملي کي ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ نه وچڙايو وڃي، زمين سوڪهڙي جو شڪار آهي، پنجاب اڪيلو پاڻي تي معاهدو نٿو ڪري سگهي، سنڌ بنجر بڻجي چڪي آهي، وفاق جون جيڪي به مجبوريون آهن سنڌ کي ٻڌائي، شيري رحمان کي جواب ڏيندي مسلم ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪينال ٺاهي رهيو آهي ته ان تي ڪو اعتراض نٿو ٺهي، اهڙو ڪو فيصلو سامهون آڻيو جنهن سان ڪنهن ٻئي صوبي جو حق ماريو ويو هجي، عرفان صديقي چيو ته معاهدي تحت جيڪڏهن پنجاب ڪئنال ٺاهي رهيو آهي ته ان تي بحث نه ٿيڻ گهرجي، اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو جو وفاق ٽٽي وڃي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز پاڻي جي معاملي تي پ پ جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته نون ڪينالن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، هڪ صوبي جي زمين بنجر ٿيڻ جو خدشو آهي، پڇان ٿو ته انهن جي ڪير ڇو نٿو ٻڌي؟ هن چيو ته عالمي اصول آهي ته هيٺئين علائقي کي فائدو ڏنو ويندو آهي، انهن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 90 ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي، اميد ته حڪومت مسئلو سي سي آءِ ۾ موڪليندي، وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جي ورڇ جي نگراني وفاق وٽ نه پر صوبن وٽ آهي، سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم يا لنڪ ڪينال نه ٺهي رهيو آهي، چولستان منصوبو ستلج درياهه سان لاڳاپيل آهي، چولستان ڪينال کي پنجاب پنهنجي حصي مان پاڻي ڏيندو، شيري رحمان چيو ته جيڪڏهن معاملو پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته مون کي ڌمڪيون نه ڏيو، سيف الله ڌاريجو چيو ته شبلي فراز ۽ ڪامران مرتضيٰ جا ٿورائتا آهيون،مٿان پاڻي ئي ناهي،باهه سان نه کيڏو،واڌو پاڻي هئڻ جو تاثر غلط جوڙيو ويو آهي.