حڪومت جو ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارات سان رابطو

اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته هو بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي دبئي ۾ شروع ٿيل نئين منصوبي ۾ سيڙپڪاري نه ڪن ڇو ته اهڙي ڪنهن به عمل کي مني لانڊرنگ سمجهيو ويندو. نيب موجب حڪومت قانوني طريقي سان ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت سان رابطو ڪري رهي آهي. نيب طرفان چيو ويو ته ملڪ رياض هن وقت عدالتي اشتهاري جي حيثيت سان دبئي ۾ آهي ۽ هن اتي هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو آهي. عوام کي ان بابت خبردار ڪيو پيو وڃي ته هو ان کان پري رهن. نيب موجب بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ ٻين خلاف ٺڳي ۽ فراڊ جا ڪيترائي ڪيس جاچ هيٺ آهن. نيب وٽ مضبوط ثبوت آهن ته ملڪ رياض ۽ سندس ساٿين بحريه ٽائون جي نالي تي ڪراچي، راولپنڊي ۽ نيو مري ۾ نه رڳو سرڪاري پر خانگي زمينن تي به ناجائز قبضا ڪري بنا اجازت نامي جي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون ۽ ماڻهن کان ٺڳي سان رقم اوڳاڙي رهيو آهي. نيب دعويٰ ڪئي ته ملڪ رياض بحريه ٽائون جي نالي تي پشاور ۽ ڄامشوري ۾ به زمينن تي قبضا ڪيا، هن بنا اين او سي جي ناجائز قبضا ڪري هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون. ملڪ رياض 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عدالت ۽ نيب ٻنهي کي گهربل آهي ۽ کيس اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. نيب موجب، نيب بحريه ٽائون جا پاڪستان ۾ اڻ ڳڻيا اثاثا ضبط ڪري چڪو آهي، وڌيڪ ضبط ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪري رهيو آهي. هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 14 سال ۽ سندس زال بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت ڪيس ۾ ملڪ رياض جي غير حاضري تي کيس گرفتار ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان حوالي سان ملڪ رياض طرفان ڪو بيان ناهي جاري ڪيو ويو. هن رڳو هڪ ٽوئيٽ ڪيو هو ته ملڪ رياض واعدي معاف گواهه نه بڻجندو، جيڪو وڻي مون تي ظلم ڪريو.

190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ملڪ رياض کي بچايو ويو

اسلام آباد(جهانگير منهاس) 190 ملين پائونڊ ۾  عمران خان کي ته سزا اچي وئي پر اصل ڏوهاري ملڪ رياض جنهن ملير جون زمينون  ڀڳڙن مٺ تي  کنيون تنهن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي. هن اهو پيسو  انگلينڊ موڪلڻ شروع ڪيو. هتي ته هو سرڪاري عمارتون  توڙي ٻيلا به وڪڻندو رهيوآهي سمنڊپار رهندڙ ڪستاني نثار افضل ٻڌايو ته برطانيا ۾ هڪ سستي پراپرٽي مهانگي اگهه تي خريد ڪئي وئي ته انهن جون اکيون کليون ته اهو ڪيئن ٿيو پوءِ حقيقتون سامهون آيون ۽ اهڙي ريت ملڪ رياض انهن جي ريڊار تي آيو ۽ اتان جي هائي ڪورٽ تائين جي ججن چئي ڏنو ته اهڙو ڏوهاري قسم جو ماڻهو هن ملڪ ۾ نه ٿو گهرجي اها 190 ملين پائونڊ کان به وڌيڪ جي رقم هئي جنهن ۾ ملڪ رياض  بس پنهنجي جان ڇڏائي آهي ڪافي پيسو اسپين کڻي ويو آهي، ماڻهو حيران آهن ته جيڪو مک جوابدار آهي ان کي ڪا به سزا ناهي آئي ۽ عمران خان کي 14 سالن جي سزا اچي وئي آهي. 4سئو 60 ارب جي  معاملي کي 6 ارب ۾ نبيريو ويو  دنيا ۾ ائين ڪٿي به ناهي ٿيندو. اها رقم پاڪستاني عوام جي هئي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ اچڻ گهرجي ها. هن ڪيس ۾ جيڪا اصل ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها جيڪو اصل بينيفشري هيو  ملڪ رياض ان خلاف ٿيڻ گهرجي ها نثار افضل چيو ته اهو سڀ اسان جي عدالتن کي ڏسڻ گهرجي اسان جي روينيو ڊپارٽمينٽ کي ڏسڻ گهرجي ته اهو کيس الاٽ ئي نه ٿيڻ گهرجي ها افسوس سان چئجي ته اهو رڳو پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو بيشمار سوسائٽيز آهن جن جي ڪا اين اوسي ئي ناهي، اسٽيبلشمنٽ کي کپي ته جنهن غلطي ڪئي آهي ته ان کي سزا ملي. هنن منهنجي 7 سئو ڪينال زمين تي قبضو ڪيوآهي اها اسلام آباد بحريه انڪليو ۾ آهي جنهن جا هنن مون کي 2 ڪروڙ ڏنا آهن ۽ ان زمين جي ماليت هن وقت 5 کان 6 ارب روپيا آهي اهي ٿورا پيسا به ان جي ڪري ورتا جو هتي عدالتن ۾ رلايو ويو مٿان وري ملڪ رياض مون کي تي نيب ۾ ڪيس ڪرائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هائي ڪورٽ جي جج سڳورن ته لکيو ته هي ته هنن جي حد ئي نه ٿي بيهي.

زرداري،نواز ۽ عمران خان کي به ملڪ رياض نوازيو؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)ملڪ رياض جا اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا آخر اهڙو ڇا ٿي ويو؟ هو ته نيب چيئرمين پاڻ لڳرائيندو  هو،هاڻي نيب هن خلاف هڪ سخت قسم جو بيان جاري ڪيو آهي،اهو به حيرت جوڳو آهي ته ملڪ رياض پنهنجي پاڻ،ڪاروبار کي داءُ تي لڳائڻ تي ڪيئن تيار ٿي ويو؟هڪ دور ملڪ رياض کي نوازشريف کان استعيفيٰ وٺڻ لاءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ موڪليو هو،هن جون آصف زرداري،نوازشريف،سول ملٽري ڪاموراشاهي سان دوستيون رهيون آهن،هن بحريا ٽائون ۾ رٽائرڊ ميجر جنرلن،برگيڊيئرن،ڪرنلن کي نوڪريون ڏئي رکيون آهن هو ڪنگ ميڪر بڻجي حڪومتون ٺاهيندو رهيو آهي،زرداري کي خوش ڪرڻ لاءِ هن لاهور ۾ بلاول هائوس ٺاهي ڏنو،پوءِ نوازشريف کان اتفاق فائونڊيز جي ورتل زمين تي هائوسنگ سوسائٽي به ٺاهي،اهي به خبرون آهن ته نوازشريف هن کي مجبور ڪيو ته لنڊن ۾ سندس پٽن جا فليٽ هو مهانگي اگهه تي خريد ڪري،آخري رهجي ويو عمران خان ان کي به هن نوازيو،هن وقت هو عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري ٿيڻ کان انڪاري آهي،نيب پاران ٻه سينئر صحافي دبئي موڪلي واعده معاف گواهه بڻجڻ جو چيو ويو پر ملڪ رياض عمران خان خلاف گواهه ٿيڻ کان انڪاري آهي

اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان پاليسي جي ابتڙ هلڻ تي ملڪ رياض تي ڪاوڙ؟

اسلام آباد (عمر چيما) ماضي ۾ کوڙ ڀيرا اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ته ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي پر جيئن هاڻي نيب جو بيان آيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته هن ڀيري سولائي سان سندس جان نه ڇٽندي. ملڪ رياض کي خبر آهي ته کيس سسٽم ۾ ڪيئن رهڻو آهي. فوج تي سندس پي ايڇ ڊي ڪيل آهي. هن بحريه جو نالو ئي پاڪ نيوي وارن کان ورتو آهي هو ته نالو به واپس نه وٺي سگهيا، ماڻهن سمجهيو هو ته شايد نيوي جو پراجيڪٽ آهي ته ان تي ڪم شروع ڪيو ويو. نيوي سندس محتاج بڻيل آهي پر هاڻي سندس رسائي اڳ جيتري ناهي رهي. هن ڀيري معاملو سنجيده لڳي ٿو. نيب چيئرمين به فوجي آهي. هن ڀيري دبئي جي سرڪار سان رابطي جي ڳالهه به ڪئي وئي آهي. لڳي ٿو ته هنن دبئي جي سرڪار کي چئي به ڇڏيو آهي. ڏسڻو پوندو، ڪي ماڻهو ته اهو به چوندا آهن ته ڊي ايڇ اي جو ۽ بحريه ٽائون جو پاڻ ۾ تڪرار آهي. پر ائين لڳي ٿو ته فوج جي جيڪا عمران خان بابت پاليسي هئي ملڪ رياض ان جي ابتڙ ويو آهي. ملڪ رياض کي واپار ۾ فائدو به ٿيو آهي. پي ٽي آءِ وارن ته بحريه ٽائون کي پنهنجي سوسائٽي سمجهي ورتو هو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان تي ڪاوڙ هجي. ٻيو ته مٿس کوڙ ڪيس آهن هن اڃا تائين 460 ارب رپيا به جمع ناهن ڪرايا. هونئن کيس پيسا ڏيڻ لاءِ ناهن وري عمران خان کي هن يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ پيسا ڏئي ڇڏيا. ان کان اڳ هن الطاف حسين جي نالي تي يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ پيسا ڏنا هئا.

ملڪ رياض بي تاج بادشاهه بڻيل رهيو، اسٽيبلشمينٽ به فائدو ورتو

اسلام آباد ( سيد طلعت حسين) ملڪ رياض بابت ڪو ڳالهائيندو هو ته نوڪري مان ڪڍيو ويندو هو، هاڻي ان خلاف پڌرائي اچي  وئي آهي. ڏسڻو پوندو ته ڪهڙا بهادر ان تي وات کولين ٿا. پاڪستان جي وڏن وڏن صحافين جي جيڪڏهن چڪاس ڪرڻي آهي ته ان کان رڳو اهو پڇڻو پوندو ته ڇا توهان ملڪ رياض جو نالو وٺي سگهو ٿا؟ گهڻا ئي وائکا ٿي ويندا. نيب جي جاري ڪيل پڌرائي مان لڳي ٿو ته ملڪ رياض ۽ سندس واپار کي پاڪستان ۾ بند ڪيو پيو وڃي. پوءِ جي خبر ناهي ته پوءِ ڪنهن جي طاقت هلندي ۽ هي پڌرائي بي اثر ٿي ويندي پر هن وقت ائين ئي لڳي ٿو. ملڪ رياض لاءِ چيو ويندو آهي ته ملڪ رياض جي کيسي ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي هوندا آهن، اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو سندس آڏو واري کيسي ۾ هوندا آهن، صحافي سندس پوئين کيسي ۾ هوندا آهن. ملڪ رياض ته اهو شخص هوندو هو. هو هن وقت تائين کوڙ اثاثا پرڏيهه کڻي وڃي چڪو آهي. پر جن اثاثن ۾ سيڙپ ڪيل آهي انهن تي سواليا نشان آهي، نيب جيڪڏهن نئين پڌرائي جاري ڪري سگهيو ته اهو ٻڌائڻ ضروري آهي جيڪا اڳواٽ ماڻهن سيڙپ ڪئي آهي، انهن سيڙپڪارين جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ ملڪ رياض ملڪ ۾ بي تاج بادشاهه جيان حڪومت ڪئي. هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ئي کانئس فائدو ورتو آهي، ان کي ٺاهيو به آهي، ان ذريعي پنهنجا ڪم ڪڍيا آهن. هاڻي جيڪڏهن ملڪ رياض پاڪستان ۾ بند ٿي رهيو آهي ته جن ماڻهن انهن اسڪيمن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجو حصو وڌو هو، انهن جي سيڙپڪاري بابت وضاحت ڪرڻي پوندي. عليمه خان جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جيل ۾ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. برطانوي ڪرائيم ايجنسي اين سي اي طرفان پڪڙيل ڪاري ناڻي سان ملڪ رياض معاهدو ڪيو، جنهن ۾ شهزاد اڪبر اهم ڪردار ادا ڪيو. ملڪ رياض کي 190 ملين پائونڊ جي رقم پاڪستان کي واپس ڪرڻي پئي، جنهن کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي لاءِ القادر ٽرسٽ جي زمينن ۾ بدلايو ويو. القادر يونيورسٽي جي ويبسائٽ تي عالمي تعليمي ماهرن جا دعوٰيٰ ڪيا ويا آهن، پر عملي طور تي ملڪي يونيورسٽين جي عام پڙهيل ماڻهن تي ٻڌل فيڪلٽي آهي. اسڪينڊل کانپوءِ ويبسائٽ تان عمران خان جون وڊيوز ۽ تصويرون غائب ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.