سنڌوءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊي آدم ۾ ريلي

ٽنڊوآدم (ن    ع   آ) ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ آبادگار فورم پاران سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف لطيف گيٽ کان شاهجهان جوڻيجو، حاجي موسيٰ ساند، عقيل ماڪوڙاڻي  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ جي ڊي اي، ايس يو پي،عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي، سنڌي ادبي سنگت، سگا سميت سياسي سماجي اڳواڻن، آبادگارن، عورتن، ٻارن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي شاهجهان جوڻيجو،حاجي موسيٰ ساند،عقيل ماڪوڙاڻي، عوامي تحريڪ جي لال جروار،ادي شمشاد لغاري، الطاف جوڻيجو، عبدالله خٽڪ،  رئيس حبيب خان مري،مريم انڙ، عطاءالله انڙ،فقير محمد بخش خاصخيلي،نور چاڪراڻي، وقار جٽ، اعجاز علي ميتلو، ذوالفقار نربان،باغي مجاهد ٿهيم، گل حسن لاکو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پ پ  وفاقي حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياء مان 6 ڪئنالن جي سمري منظور ڪرائي آهي جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سان وڏي زيادتي آهي پ پ جا چونڊيل نمائندا ميڊيا آڏو ڪوڙا بيان ڏئي رهيا آهن، اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سنڌين کان ڦري غيرملڪي سرمائيڪارن کي ڏني پئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.