اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي آمد جي موقعي تي تحريڪ انصاف ميمبرن احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي. وزيراعظم خطاب ڪرڻ کان سواءِ روانو ٿي ويو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وزيراعظم جي پهچڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ”اووو اووو“ جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا. پي ٽي آءِ ميمبرن جي احتجاج تي ن ليگ ميمبرن طرفان به جوابي نعريبازي ڪئي وئي ۽ ايوان مڇي بازار جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ن ليگ ميمبرن وزيراعظم جي چوڌاري حفاظتي ڀت ٺاهي ڇڏي.اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرن باني عمران خان جي حق ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا.پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.