اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي اڻپورين برساتن سبب ملڪ ۾ سوڪهڙي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. 1 سيپٽمبر 2023 کان 15 جنوري 2024 تائين معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون. سنڌ، بلوچستان، ۽ پنجاب ۾ 52، 45، ۽ 42 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون. پوٽوهار، اٽڪ، چڪوال، اسلام آباد، ۽ ٻين علائقن ۾ به سوڪهڙي جي صورتحال پيدا ٿي آهي. وڌيڪ برساتن جو امڪان نه هجڻ ڪري سوڪهڙي وڌڻ جو خدشو آهي.