اسلام آباد(منصورعلي خان) ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي صدر طور حلف کڻي ورتو آهي پر بلاول ڀٽو زرداري ۽ محسن نقوي جي شرڪت جون جيڪي خبرون گذريل هفتي هلنديون رهيون تنهن حوالي سان ڪا ثابتي ناهي ملي سگهي ته انهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي يا نه ڪئي. اهي به خبرون آهن ته تقريب کليل گرائونڊ تي ٿيڻي هئي جنهن ۾ 16 مختلف گروپ شرڪت ڪري رهيا هيا پر موسمي خرابي سبب تقريبن کي انڊور رکيو ويو جنهن جي گروپن جي شرڪت 4 تائين محدود ڪئي وئي. تقريب ۾ هڪ پاڪستاني طاهر جاويد شرڪت ڪئي. اهو عمران خان جو اسپيشل اسسٽنٽ رهي چڪو آهي. باقي تقريب ۾ پي ٽي آئي جو ڪو اڳواڻ نظر نه آيو.ٽرمپ جي تقرير جو محور مقامي اشوز رهيا جن مان هڪ وڏو اهم تيل جي پيداوار کي وڌائڻ شامل آهي ٽرمپ جڏهن گلف آف ميڪسيڪو کي گلف آف آمريڪا بنائڻ جو اعلان ڪيو ته ان ڳاله تي هيلري ڪلنتن کلڻ لڳي. تقرير ۾ نه ڀارت جو ذڪر ٿيو نه پري پاڪستان جو نه ڪٿي پي ٽي آئي جو نالو آيو.