ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي ملازمن جو احتجاج

ڪراچي(م ڊ) وفاقي اردو يونيورسٽي جي رٽائرڊ استادن ۽ ملازمن گذريل مهيني کان پينشن نه ملڻ ۽ 80 کان وڌيڪ رٽائرڊ  ملازمن کي رهتون نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي (عبدالحق ڪيمپس) جي استادن جي يونين جي عهديدارن به شرڪت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته موجوده استادن جون پگهارون ۽ هائوس سيلنگ جي ادائگي ڪئي وڃي، جڏهن ته رٽائر ٿيل ملازمن مان 5 ملازم فوت ٿي ويا آهن، سندن گهرڀاتي سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، ڊاڪٽر توصيف احمد خان چيو ته وائيس چانسلر وفاقي محتسب جي فيصلي تي عمل نه ڪري توهين عدالت ڪري رهيو آهي.احتجاج کي روشن علي سومرو به خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.