اسلام آباد(آصف بشير چوڌري) 190ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ڏيندڙ احتساب عدالت جي جج راڻا ناصر جاويد بابت اهم انڪشاف،خبر موجب 2004 ۾ مشرف دور ۾ تڏهوڪي اطلاعات واري وزير شيخ رشيد انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ نامياري قانون دان حبيب وهاب الخيري کي ذاتي رنجش جي بنا تي ضيا دور جي هڪ ڪيس ۾ راولپنڊي جي ٿاڻي ۾ بي يارومددگار ويهاري ڇڏيو،صحافي آصف بشير چوڌريجي رپورٽنگ بعد سپريم ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ حبيب وهاب الخيري کي آزاد ڪري ڇڏيو،وڏي ڳالهه ته تڏهن مئجسٽريٽ راڻا ناصر جاويد حبيب وهاب الخيري جي عدالت ۾ پيشي کان بنا ئي سندس جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو،چيف جسٽس ارشاد حسن راڻا ناصر جاويد لاءِ لکيو ويو ته هي جج جڊيشل آفيسر هئڻ لاءِ مس فٽ آهي،کيس هٽايو ويو، ان وقت پنجاب ۾ افتخار حسين چوڌري چيف جسٽس هو جيڪو پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چاچو هو،راڻا ناصر جاويد فواد چوڌري وٽ پهتو ۽ چيو ته ڏيتي ليتي ڪري مسئلو مون مٿان ٽاريو،فواد چوڌري سندس جج جي ڪرسي بچائي،2019ع ۾ راڻا جاويد ناصر لاهور ۾ مقرر هو هن کي اسلام آباد جي ضلعي عدالت ۾ به فواد چوڌري آندو هو،