اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 27 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.سپريم ڪورٽ مان وڏي خبر سامهون اچي وئي، 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽن مطابق جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بينچ 27 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.ذريعن موجب وڪيلن کي سپريم ڪورٽ آفيس مان ايس ايم ايس ذريعي آگاهه ڪيو ويو، اهڙي طرح سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 28 جنوري تي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪندي.