لکي غلام شاهه: اڳوڻو صوبائي وزير مير غالب حسين خان ڊومڪي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڪراچي کان پنهنجي چاچي مير طارق خان ڊومڪي جي وفات تي اباڻي شهر بخشاپور وڃي رهيو هو. 15 کان وڌيڪ هٿياربندن جي ٽولي ڦر جي نيت سان گاڏي کي بيهارڻ لاءِ فائرنگ ڪئي ته مقابلو ٿيو. مير طارق خان ڊومڪي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو هو جنهن جو مڙهه اباڻي شهر پهچايو ويو هو.