لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ امن امان جي صورتحال پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کان وڌيڪ خراب آهي، ملڪ ۾ 40 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري پيا، 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، 42 سيڪڙو ڳورهاري عورتون آئرن جي کوٽ جي ڪري ڪمزور ٻار ڄڻين ٿيون، 78 سيڪڙو ٻارن کي ناشتو نه ٿو ملي، 20 کان 30 سيڪڙو عوام کي مفت صحت، پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ناهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلا ۾ عوام پاڪستان جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سردار انور سومرو، نثار علي چانڊيو، اشرف علي ڀٽي، ايڊووڪيٽ نظير سومرو، امتياز ميمڻ سميت ٻيا پڻ موجود هئا. مفتاح اسماعيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاق هر سال 18 هزار ارب ۽ صوبا 12 هزار ارب روپيا خرچ پيا ڪن جن مان سنڌ صوبو 3500 ارب روپيا ۽ پنجاب جو عوام 5 هزار روپيه روپيا خرچ ڪري رهيا آهن جيڪا مجموعي طور 30 هزار ارب روپين جي رقم آهي پر ان جي باوجود پاڪستان ۾ بجلي ۽ گئس هندوستان، بنگلاديش، سري لنڪا، ڀوٽان، ملائيشيا، سائوٿ آفريڪا، ڪينيا، ايٿوپيا کان به مهانگي آهي، سنڌ ۾ 18 سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي، 13 سالن کان ن ليگ جي پنجاب ۾ ۽ 13 سالن کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي جن کي عوام جي مسئلن جو ڪو احساس ناهي هن چيو ته شهباز شريف جي وزيراعليٰ واري دور ۾ پنجاب ۾ ڪرپشن نه هئي پر مريم نواز جي پنجاب حڪومت ۾ ڪرپشن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، عدالتن کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته لاڙڪاڻي کان ڪشمور تائين ڌاڙا ۽ اغوا سرعام آهن، پوليس عوام بجاءِ ڌاڙيلن کي بچائڻ ۾ لڳي پئي آهي، هن چيو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه تحت صوبن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو آهي تنهن ڪري پاڻي جي مسئلي کي آئين موجب صلاح مشوري سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي پاڻي جي حصي مان ڪٽوتي ڪئي وئي ته پوري پاڪستان کي گهٽ اناج ويندو،