ڪئنال ٺاھڻ تان ھٿ نه کيو ويو ته پنجاب جا رستا بند ڪنداسين:قادر مگسي

سانگهڙ/شهدادپور/جھول(رپورٽ:محمد حسين بلوچ+ غلام قادر ملوڪاڻي+ن ع آ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف هلندڙ سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ جھول پهتو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيپلزپارٽي  سنڌي قوم جي وسيلن ۽ درياهه کي وڪرو ڪري وفاق حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياهه مٿان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. پنجاب آصف علي زرداري کي اسلام آباد ۾ محل ۾ ويهاري پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي رهيو  آهي،سنڌو درياهه کسجڻ کانپوءِ سنڌ ريگستان بڻجي ويندي. سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌي سجاڳ نه ٿيا ته سنڌ جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. سکر بئراج کان هيٺ پاڻي جو ڦڙو نه ايندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪوشش آهي ته سڄي سنڌ وڪرو ڪري هڪ ڀيرو بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايون. سنڌي قوم مٿان غيرقانوني فيصلا پيپلزپارٽي مڙهي رهي آهي، غيرقانوني ڪئنالن خلاف به سخت مزاحمت ڪرڻي پوندي،هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي شھدادپور  ۾ ”سنڌ اسان جي ماءُ سنڌو اسان جو ساھ “جي عنوان سان عوامي جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ٿيل احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وجود مٽائڻ ۽ سنڌ جي ڇھ ڪروڙ ماڻھن کي اڄ بک وگھي مارڻ لاءِ سنڌو درياھ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍي پنجاب طرفان سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي قبضو ڪيو پيو وڃي سنڌو جي پاڻيءَ تي شھباز شريف جي حڪومت طرفان ڌاڙي جي سھولت ڪاري آصف زرداري۽ اقتدار پرست سنڌ جا جاگيردار سردار ڪري رھيا آھن،هن چيو ته ھن وقت اليڪشن نه آھي نه ئي ووٽ وٺڻ لاءِ نڪتا آھيون اسين اوھان کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا آھيون ھن چيو ته  اليڪشن دوران تير بجا تي نچون ٿا ڀلي تير بجا سمجھ ۾ اچي نه  اچي پر اسين ڍٻڪي تي نچندا آھيون ھن چيو ته  سرسبز سنڌ کي تباھ ڪيو ويو ان جو زميوار زرداري آھي عوام کي صحت تعيلم جو سھولتون ميسر نه  آھن،جلسي کي پارٽي اڳواڻن گلزار احمد سومرو،حيدر شاھاڻي،نثار علي ڪيريو،ھوت خان گاڏهي،ڊاڪٽر سومار مڱريو، امتياز سمون،خدا بخش درس، علي ڏنو خاصخيلي، جبار جوڻيجو، نظير لغاري، رفيق جلالاڻي، جان محمد ابڙو  ۽ ٻين خطاب ڪيو،سانگهڙ  مان ڊسٽرڪٽ رپورٽر موجب  ڊاڪٽر قادر مگسي سانگهڙ، شاھپور چاڪر، رڪن ٻرڙا  ۾ جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ٿيل احتجاجي جلسن کي خطاب ڪندي چيو ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي وجود مٽائڻ ۽ سنڌ جي ڇھ ڪروڙ ماڻھن کي اڄ بک وگھي مارڻ لاءِ سنڌو درياھ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.