حيدرآباد سينٽرل جيل منتقل ڪيل خيرپور جو قيدي فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدر آباد سينٽرل جيل ۾ خيرپور مان منتقل ڪيل قيدي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل قيدي محمد يعقوب پٽ ٻڍل عمراڻي کي منشيات جي ڪيس ۾ 25 سال سزا آيل هئي ۽ ھو وات جي ڪينسر سبب سول اسپتال ۾ داخل ٿيل هو. جتي ھو فوت ٿي ويو آهي. فوتي قيدي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.