بلوچستان اسيمبلي جا ٽشو پيپر ڪراچي جي هوٽل ۾ استعمال؟

ڪراچي(م ڊ)بلوچستان اسيمبلي جا ٽشو پيپر ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي،ٽشو پيپرن جي ڊٻي تي بلوچستان اسيمبلي اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل آهي، اسيمبلي جي سيڪريٽري ظاهر شاهه ڪاڪڙ چيو ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ٽيم جاچ لاءِ ڪراچي پهچي وئي آهي،اسيمبلي لاءِ ٽشو پيپر جو ٺيڪو ڪراچي جي هڪ ڪمپني کي ڏنو ويو هو، هن چيو ته ڄاڻايل ڪمپني ۽ هوٽل انتظاميا کان جاچ ڪئي پئي وڃي،جاچ کانپوءِ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.