لاهور(م ڊ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت جي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين ۽ تحريري مطالبن تي غور ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف کي دٻاءُ ۾ نه اچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن جو دٻاءُ برداشت نه ڪيو وڃي، رڳو جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن.رائيونڊ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به شرڪت ڪئي.حڪمران پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پي ٽي آءِ سان سياسي ڳالهين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کان علاوه اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جي لکت واري مطالبن جي جواب تي به غور ڪيو ويو.