پ پ حڪومت آخر ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڇو نه ٿي ڪري؟

هنڱورجا جي رپورٽر  ۽  سگا جي اڳواڻ فياض سولنگي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا وري معاملي جو رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار نوٽيس وٺندي تفصيل طلب ڪرڻ سميت پوليس کي صحافي جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان کان اڳ صحافي ڇهه ڏينهن پراسرار نموني گم هو، سندس اغوا جي تصديق تڏهن ٿي جڏهن ڌاڙيلن پاڻ ئي هڪ ڪروڙ روپين جي ڀُنگ لاءِ تشدد واري سندس ويڊيو وائرل ڪئي. ان ويڊيو ۾ سندس قميص لٿل ۽ رسن سان ٻڌل حالت ڏيکاريل هئي. اغوا واقعي جي تصديق ۽ ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد فياض سولنگي جي گهر ڀاتين ۽ مائٽن ۾ شديد ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.

اسان جو خيال  آهي ته بس ڪافي ٿيو. هاڻي ڌاڙيلن کي برداشت ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي رهيو، جڏهن ڏوهاري يا ڌاڙيل حڪومت کان بظاهر زور ٿي وڃن ۽ سندن وارداتن جو نيٽ ورڪ حڪومت کان وڌيڪ طاقت ور ٿي وڃي ۽ اهي ڊڄڻ بدران کلي عام پنهنجي واردات ڪرڻ جو اعلان ڪن ۽ فيس بڪ تي يرغمالين جون تذليل جوڳيون ويڊيو وائرل ڪن ته ان جا ٻه مطلب نڪري سگهن ٿا، هڪ اهو ته کين حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي يا اهي حڪومت کان وڌيڪ طاقت ور ٿي ويا آهن. پر جيئن ته اسان جو ملڪ ايٽمي ملڪ آهي ته پوءِ  اهڙو تاثر ڪيئن قائم ڪجي يا اهڙو سوال ڪيئن اٿارجي ته جيڪو ايٽمي ملڪ ڌاڙيلن جي آڏو هيڻو هجي سو جنگيون ڪيئن وڙهي سگهندو پر ائين آهي ئي نه.  ڪنهن به ايٽمي طاقت جي آڏو ڌاڙيل ته ڇا هيءَ  دنيا ئي ڪول مثل آهي. ڪنهن به ايٽمي طاقت لاءِ  هن دنيا کي ناس ڪرڻ ڪجهه منٽن جو کيل هوندو آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي ايٽمي طاقت کان ڪچي جا ڌاڙيل ڇو خوف زده ناهن يا ته انهن کي ايٽمي طاقت جي خبر ناهي يا انهن کي مڪمل طور تي دلجاءِ آهي ته اها ايٽمي طاقت کين ڪجهه نه ڪندي جو ساڻن حڪومت مليل آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت انهن ڌاڙيلن سان مليل آهي ته پوءِ حڪومت به عوام جي ڌاڙيلن جهڙي  مجرم آهي ڇاڪاڻ ته  ان جي سرپرستي ۾ ئي ڌاڙيلن اغوا انڊسٽري قائم ڪئي آهي.  حڪومت جو اهو جرم ان لحاظ کان ڌاڙيلن جي جرم کان وڌيڪ سنگين آهي جو حڪومت جي اها بنيادي يعني پهرين ڊيوٽي آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري ٻي صورت ۾ ڪابه حڪومت، حڪومت سڏرائڻ جي حق دار ناهي هوندي پر جيڪڏهن حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جو حلف کڻي اقتدار ۾  اچي ۽ ٻئي پاسي ڏوهارين ۽ ڌاڙيل ٽولن جي سرپرستي به ڪري ته ان جو  ڏوهه يقينن ڌاڙيلن کان وڌيڪ سمجهيو ويندو.

وري جيڪڏهن ڌاڙيلن جي حوالي سان پ پ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏسجي ته حيرت انگيز طور تي ان جي حڪومت ۾ ئي ڌاڙيل راڄ مچيل نظر ايندو آهي. پ پ حڪومت بظاهر ته ڌاڙيل راڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر رهي آهي پر پهريون سوال اهو آهي ته ڇا اها ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪرڻ به چاهي ٿي يا نه،  ڇا ان ڪڏهن ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي يا  فيصلائتو آپريشن ڪيو آهي جو چئجي ته اها ڌاڙيلن خلا ف آپريشن ڪرڻ ۾ ناڪام  وئي آهي سو پ پ حڪومت جڏهن ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪيو ئي ناهي ته ان کي ان معاملي ۾ ناڪام يا نااهل ڪيئن چئجي.

اها به ڪيڏي به حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌي عوام ئي پ پ کي سڀ کان گهڻا ووٽ ڏيندو آهي پر ڌاڙيلن خلاف آپريشن وري هميشه مسلم ليگ ن جي حڪومت ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جو اونو وڌيڪ پ پ کي هئڻ گهرجي جو سنڌي عوام ان کي ئي ووٽ ڏيندو آهي. ان لحاظ کان پ پ حڪومت جو ئي پهريون فرض آهي ته اها پنهنجي ووٽر جي حفاظت جو سخت بندوبست ڪري.

اها به ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته موجوده پ پ سنڌ ۾ لڳاتار چوٿون ڀيرو حڪومت ڪري رهي آهي ۽ حڪومت ڪندي ان کي 15 سالن کان گهڻو عرصو ٿي چڪو آهي  پر ايڏي وڏي عرصي ۾ ان ڌاڙيلن ۾ هٿ ئي ناهي وڌو، ان خلاف ڪو وڏو آپريشن ئي ناهي ڪيو ته ان جو ڇا مطلب سمجهجي؟ مطلب اهو ئي آهي ته حڪومت جو ڌاڙيلن خلاف فيصلائتي آپريشن جو ڪو ارادو ئي ناهي. پر پ پ  کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اها لاتعلقي ان کي ڳچيءَ ۾ به پئجي سگهي ٿي ۽ سڀاڻي ان جي حڪومت کي هٽائڻ جي سڀ کان وڏي چارج اها به ٿي سگهي ٿي ته اها ڌاڙيل راڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي نااهل ثابت ٿي آهي جنهن ڪري عوام جي جان، مال ۽ عزت مڪمل طور تي غير محفوظ ٿي وئي آهي. هوڏانهن ڌاڙيلن جون ارهه زورايون وڌنديون ٿيون وڃن.

پ پ حڪومت ڊڄي ان ڏينهن کان جڏهن ڌاڙيل ڪنهن هاءِ پروفائيل شخصيت کي اغوا ڪري وجهي، ڌاڙيلن کي جيڪڏهن ائين ئي سازگار ماحول ملندو رهيو، کين هٿيار به ملندا رهيا، خوراڪ به ملندي رهي ۽ پڪي ۾ اچي اهي جڏهن ڪابه ننڍي وڏي واردات ڪاميابي سان ڪري وڃن ۽ سندن آڏو پوليس جي ڪا مزاحمت نظر نه اچي ته ظاهر  آهي ته سندن من وڌندو ويندو، هاڻي انهن صحافين ۾ هٿ وڌو آهي،  سڀاڻي پوليس ۽ رياستي اهلڪارن ۾ به هٿ وجهي سگهن ٿا ته ڇا سنڌ حڪومت ڪنهن وڏي هاءِ پروفائيل واقعي جي انتظار ۾ آهي پر جيڪڏهن ڪو اهڙو هاءِ پروفائيل واقعو ٿي ويو ته سمجهبو ته اهو سنڌ حڪومت جو آخري ڏينهن هوندو تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته اها ڌاڙيل راڄ خلاف سنجيده ٿئي ۽ هاڻي ان خلاف فيصلائتو آپريشن ڪري نه ته هي ڌاڙيلن جو معاملو خود پ پ حڪومت جو به سر کڻي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.