حڪومت ۽ اپوزيشن جون هلندڙ ڳالهيون ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار!

تحرير: يوسف سيف

حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ھلندڙ ڳالھين جي رڪجي وڃڻ بعد جڏھن  ڪجهه ڏينھن جي وقفي کانپوءِ 16 جنوري تي انصار عباسي اھا خبر بريڪ ڪئي ھئي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ”حڪومت“ وچ ۾ بيڪ چينل  رابطو ٿيو آھي. ھن پنھنجي لفظن ۾ ان کي بريڪ ٿرو پڻ قرار ڏنو ھو،جنھن بعد ملڪ جي سياست ۾ وري ڌرين ۾ ڳالھين،ھاڻوڪي حڪومت بابت پڻ ڳڻتي پئدا ٿي وئي ھئي.ذڪر ڪيل خبر جي تصديق پي ٽي آءِ، جي قيادت بروقت نھ ڪري وڌيڪ سنسني کي جنم ڏنو، بھرحال ان بعد پارٽي چيئرمن بئرسٽر گوھر ملاقات جي تصديق ڪئي. ملڪ ۾ ميڊيا جي تي اڻ سڌي ريت بندش ۽ سوشل ميڊيا جي ھاءِ گھوڙا، غيراھم خبرن کي مٿي کڻڻ، تيلي مان ٿنڀ ۽ ڳالهھ مان ڳالھوڙو ٺاھڻ واري ھن دور ۾ ڪنھن وڏي خبر جو ُکر پير کڻڻ بعد ۽ ان جي ٻين تفصيلن کي ڳنڍڻ کانپوءِ ڳالھھ جي ترتيب مس مس سمجهھ ۾ ايندي آھي.

پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اختيارين وچ ۾ خبر بھرحال ھڪ ڌماڪو ھو،  ڪجهه مبصر سمجھڻ ٿا تھ ان سان حڪومت جي اخلاقي شڪست ٿي ھئي.پر جڏھن 17 جنوري تي وري  القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ سندس زال بشرا بي بي کي عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اجائي خوش فھمي وري ختم ٿيندي نظر اچي رھي آھي.ھن وقت  ڳالهين لاءِ جوڙيل حڪومتي ٽيم جي ترجمان عرفان صديقي پي ٽي آءِ چيئرمين جي آرمي چيف سان ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر گوهر کي پيغام پهچايو آهي ته هڪ ئي وقت ٻن، ٽن يا چئن دروازن ذريعي ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن.

عرفان صديقي جو چوڻ آھي تھ  هو بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات ۽ ڳالهين جي تفصيلن کان آگاھ  آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته ڳالهيون سڌي طرح اعليٰ ترين فوجي سطح تي شروع ٿي چڪيون آهن، جيڪي اطمينان بخش آهن. بئريسٽر گوهر چيو ته بيڪ ڊور پراسيس بھ ھلندو ۽ فرنٽ ڊور  پراسيس پڻ.

عرفان صديقيءَ چيو ته ڳالهيون هڪ ئي وقت ٻن، ٽن دروازن ذريعي نه ٿينديون آهن، تنهن ڪري ننڍن دروازن، درين ۽ روشندان مان جھاتي پائڻ جو ڪو به فائدو ناهي. جيڪڏهن اهو دروازو کُلي ويو آهي جنهن لاءِ اسان سالن کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. تھ پوءِ اھي ڪوششون ڇڏي ڏيو.سينيٽ عرفان صديقي جي بيان بعد اھو چٽو ٿي رھيو آھي تھ اسٽيبلشمنيٽ حڪومت جي پٺيان بيٺي آھي.جنھن سان اھو تاثر بھ زائل ٿي رھيو آھي تھ شايد اسٽيبلشمينٽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان سڌي ريت معاملا طئي ڪري رھي آھي.سامھون ايندڙ حقيقت مان اھو ئي نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو تھ حڪومت کي في الحال ڪو لھر لوڏو نھ آھي.جنھن ڪري ميڊيا ۾ ڏنل اھو تاثر درست نھ آھي تھ حڪومت کي ڪو خطرو آھي.

سوال ھي ٿو پئدا ٿئي تھ پوءِ مٿين سطح تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت سان رابطو ۽ ڳالھيون ڇو ٿيون آھن. جنھن تي ڪافي مبصرن تبصرا ڪيا آھن، ھڪڙو خيال ھي آھي تھ ملڪي گھٽ پر ملڪ کان ٻاھر ڪنھن امڪاني دٻاءَ کي منھن ڏيڻ جي لاءِ اھا ” ڪجهه منٽ“ واري گڏجاڻي ٿي ھئي،جئين دنيا کي اھو تاثر ڏئي سگھجي تھ  اھي اپوزيشن جي دانھن کي ٻڌي رھيا آھن.ملڪي سياست جي شطرنج رواجي چال ھلي رھي آھي،ڪنھن وڏي بريڪ ٿرو جو ڪو امڪان فوري طورتي نظر نھ پيو اچي. ڪي معاملا طئي ڪيل آھن،جئين ڪنھن قسم جي اليڪشن جي مطالبي تي اھو ئي جواب ملندو تھ پھرين ملڪ جي معيشت کي بھتر ڪري وٺجي تھ پوءِ ان کي بھ ڏسي وٺبو.

بئرسٽر گوھر جي ملاقات بعد اھو چيو پئي ويو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي شايد ڪنھن رعايت ملڻ جو امڪان آھي پر ان بعد عدالت جي فيصلي سان ڳالھھ وڌيڪ چٽي ٿئي وئي.ھاڻي تھ حڪومت جو پاسو وڌيڪ ڳرو ٿي ويو آھي،جيتوڻيڪ احتساب عدالت جي فيصلي کي اڃان اپيل ۾ وڃڻو آھي،پر حڪومت ۽ اپوزيشن جماعت ۾ ڳالھين جي ميز تي اھو معاملو ايندو تھ اھو ئي چيوويندو تھ ان جي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي. مٿين سطح تي ملاقات واري بريڪ ڪيل خبر ۾ بھ اھو ئي آھي تھ  پي ٽي آءِ کي پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن اها ڇڪتاڻ، تشدد، فوج ۽ ان جي اعليٰ قيادت تي تنقيد ۽ معيشت کي نقصان پهچائڻ جي پاليسي جاري رکي ته پوءِ ڳالهين  جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. پر جيڪڏهن پارٽي مفاهمت جو رستو اختيار ڪري ٿي ته ان کي پنهنجي پاليسي ۾ واضح تبديلي آڻڻي پوندي ۽ گذريل ڪجهه سالن جي سياست جي انداز کان الڳ ٿيڻو پوندو. ملاقات ۾ اھو بھ احساس ڏياريو ويو تھ  پي ٽي آءِ سياسي جاءِ چاهي ٿي ۽ عام سياست ڏانهن واپس اچڻ جو ارادو رکي ٿي، ته ان کي فوج ۽ ان جي اعليٰ قيادت سان مقابلو ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به طرح سان اهڙي سياست ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي جيڪا ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچائي.

سوال ھي آھي تھ ڇا احتساب جي عدالت جي سزا بعد ڳالھيون جاري رھنديون يا اھي ختم ٿي وينديون.سمجهھ ۾ اچي رھيو آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اھو چيو ويو آھي تھ ڳالھيون حڪومت سان ئي ڪريو.جنھن ڪري ڳالھين ختم ٿيڻ جو ڪو خدشو نظر نٿو اچي. ھڪڙي لحاظ سان اپوزيشن کي اھو باور ڪرايو ويو آھي تھ حڪومت جي پٺيان اسٽيبلشمينٽ بيٺي آھي.

ھاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف وٽ  ڪو بھ ٻيو رستو نھ آھي، اھا احتجاج ڪرڻ ۽ ھاءِ گھوڙا ڪري بھ ٿڪجي پئي آھي.جنھن جو بھ ڪو نتيجو نھ آيو آھي.انڪري اجائي ڏاھپ سان اھا پنھنجو پاڻ کي سوڙھو ڪري رھي آھي.

بئرسٽر گوھر جي ملاقات بعد اھو چيو پئي ويو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي شايد ڪنھن رعايت ملڻ جو امڪان آھي پر ان بعد عدالت جي فيصلي سان ڳالھھ وڌيڪ چٽي ٿئي وئي.ھاڻي تھ حڪومت جو پاسو وڌيڪ ڳرو ٿي ويو آھي،جيتوڻيڪ احتساب عدالت جي فيصلي کي اڃان اپيل ۾ وڃڻو آھي،پر حڪومت ۽ اپوزيشن جماعت ۾ ڳالھين جي ميز تي اھو معاملو ايندو تھ اھو ئي چيوويندو تھ ان جي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.