ڪوٽڙي شهر جيتوڻيڪ سنڌ جي وچ واري آبادي ۾ هجڻ ڪري وڏي اهميت رکي ٿو، هتي سون جي تعداد ۾ مختلف فيڪٽريون ۽ ڪارخانه لڳل آهن، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو روزگار ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندا رهيا آهن، سنڌ جي اڪثر علائقن مان بيروزگار نوجوان هتي اچي روزگار ڪندا رهندا آهن، جنهن ڪري ڳوٺن جي مسڪين ماڻهن جو چلهو ٻرندو رهيو آهي، پر هاڻي ڪافي وقت کان وٺي ڪوٽڙي جي صنعتي ايريا جي فيڪٽرين ۽ ڪارڪنن ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن، روزانو سون جي تعداد ۾ بيروزگار نوجوان روزگار لاءِ صنعتن جا چڪر ڪاٽي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي درن تي بيهي واپس هليا وڃن ٿا، کين روزگار ته پري جي ڳالهه پر روزگار ڏيڻ جو آسرو ئي نٿو ملي، جنهن ڪري ڪوٽڙي جون صنعتون به ڄڻ هتان جي بيروزگار ماڻهن لاءِ نه هجڻ جي برابر وڃي رهيون آهن.
ڪجهه وقت کان وٺي ڪوٽڙي ۾ مختلف سببن جي ڪري ڪيتريون ئي فيڪٽريون ۽ ڪارخانه بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري هزارن جي تعداد ۾ مزدور بيروزگار ٿي گهر ڀيڙا ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري اڳ ۾ ئي ماڻهو پريشاني جو شڪار آهن، بک ۽ بدحالي جي ڪري ماڻهو ٻيو گهر جو الهه تلهه کپائڻ کان پوءِ هاڻي پريس ڪلبن، گهٽين ۽ روڊن تي پنهنجي جگر جا ٽڪرا ٻچا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندا به نظر اچن ٿا، حڪمران ته ماڻهن کي روزگار نٿا ڏئي سگهن ٿا، پر هاڻي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ به بيروزگار ماڻهن کي روزگار ملڻ مشڪل بڻيل آهي، جنهن ڪري ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن.
ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا جي صنعتي زون ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نه ملڻ ۽ مقامي ماڻھن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف ڊبون شورو ڳوٺ جي رھواسين ڊي سي ڄامشورو جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، مقامي ماڻهن منير احمد شورو، مزار شورو، قادر بخش شورو، عظيم شورو، وسيم شورو جو چوڻ هو ته ڊبون شورو ڳوٺ ۾ مقامي ماڻهو صدين کان آباد آهن، سوين نوجوان بيروزگاري سبب بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، ڪوٽڙي صنعتي ايريا هجڻ جي باوجود کين روزگار نٿو ملي، صنعتن ۾ اسان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، فيڪٽرين اندر ڪم ڪندڙ انتظاميا پنھنجي ھوڏ تي قائم آھي، بيروزگاري سبب نوجوان غلط رستن تي لھي پون ٿا، هتان جي صنعتن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ ٻاهرين صوبن مان ماڻهو گهرائي انهن کي روزگار تي لڳايو وڃي ٿو، اهڙي رويي خلاف ڪيترائي ڀيرا ڪوٽڙي جي ڪيترين ئي فيڪٽرين آڏو ماڻهو احتجاج ڪندا رهيا آهن، پر فيڪٽرين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري بيروزگار نوجوان جي دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.
ملڪ جي قانوني ۾ اهو واضح ٿيل آهي ته فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي ۽ صنعتن مان ملندڙ رائلٽي واري رقم علائقي جي ترقي ۽ ماڻهن جي فلاح لاءِ خرچ ڪئي وڃي، پر هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، فيڪٽرين ۽ ڪارڪنن جا مالڪ علائقي جي بااثر ماڻهن سان ڳٺ جوڙ ڪري رائلٽي واري رقم هڙپ ڪري وڃن ٿا ۽ مقامي ماڻهن جي روزگار ملڻ وارو حق به کاڌو وڃي ٿو، جنهن ڪري ڪوٽڙي جا مقامي ماڻهو رڳو ڪارخانن کي ٻاهران ئي ڏسي سگهن ٿا، جيڪي سندن لاءِ مختلف قسمن سان آزار به بڻيل آهن، فيڪٽري مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ۽ دونهون به ماڻهن لاءِ تنگ ڪندڙ آهي، جتان زهريلو پاڻي گذر ڪري ٿو اتان جون زمينون زهريليون ٿي فصل جي پوکي لائق نه ٿيون رهن ۽ جتان دونهون گذر ڪري ٿو اتان جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي، ماڻهو ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، ايتري تڪليف سهڻ جي باوجود به جيڪڏهن هتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملي ۽ فيڪٽرين کي روزگار لاءِ تالا لڳل هجن ته مقامي ماڻهن ۾ احساس محروم ضرور جنم وٺي ٿي.
لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته ڪوٽڙي جي صنعتي ايريا ۾ قائم فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي روزگار ڏياري جيڪو سندن حق به آهي ۽ رائلٽي جي رقم جي جاچ به ڪرائي وڃي ته اها ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي، ڇو ته سائيٽ واري علائقي جي اهڙي حالت خراج آهي جو لڳي ته نٿو ته اتي ڪا رائلٽي جي رقم خرچ ٿيندي هجي، تنهن ڪري فيڪٽرين وارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي رائلٽي جي رقم مان علائقي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪرائين ته جيئن هتان جي ماڻهن کي هتان جي صنعتن مان ڪو فائدو ملي سگهي.