اهو واضح ٿي چڪو آهي ته اسرائيل جي جنگ صرف حماس جي خلاف نه هئي، پر اھو تھ “عظيم اسرائيل“ ٺاهڻ جي پنهنجي رٿا تي عمل ڪري رھيو آھي. ڪجھ بهادر ۽ مزاحمت ڪندڙ فلسطينين کان سواءِ، غزه هاڻي مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. اولهه ڪناري جي آبادي تي پڻ پنهنجون زمين ڇڏڻ جو دٻاءُ آهي. جيتوڻيڪ لبنان ۾ بھ خاموشي آهي، پر ڏکين حالتن کي منھن ڏيندڙ حزب الله اڃا ختم نه ٿي آهي. اردن جي بادشاهت تھ اڳي ئي آمريڪي ۽ يورپي طاقتن جي اثر هيٺ آهي.
اولھ جا ملڪ، خاص طور تي آمريڪي عوام سمجهي ٿو ته انهن جون چونڊون ۽ پاليسيون وڏين عالمي ڪمپنين جي اثر ھيٺ آهن. جڏھن تھ آمريڪا جي پرڏيھي پاليسي وڏي حد تائين اسرائيل جي مفادن تي ٻڌل آھي.
عوام خاص ڪري آمريڪا جي ماڻھن ۾ پڻ مايوسي پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ تھ شھري سمجهن ٿا ته انهن جي ٽيڪس جي مد ۾ ڏنل رقم، ڊالر اسرائيل جي مالي امداد ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
ايتري عرصي ۾ اهو پڻ واضح ٿي چڪو آهي ته آمريڪا ۾ نوجوانن جي اڪثريت اسرائيل جي نسل ڪَشي مهم جي خلاف آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي وڏن شهرن ۾ موجود ڪاليج ڪيمپس ۽ گهٽين ۾ جھڙي ريت نوجوانن وڏي پيماني تي مظاهرا ڪيا آهن. ان عمل اولھ جي نوجوانن جي سوچ جي عڪاسي ڪئي. اهي مظاهرا اولھ ملڪن جي تاريخ ۾ منفرد اهميت رکن ٿا.
نوجوان ان ڳالهه تي به ڪاوڙيل آهن ته اسڪولن ۽ رونيورسٽين ۾ انهن کي جن قدرن جي سکيا ڏني وڃي ٿي ،دنيا تھ ان مان رهنمائي وٺي ئي نھ ٿي.اهي هاڻي رھنمائي جي لاءِ ڪو نئون متبادل ڳولي رهيا آهن. ٻئي طرف، پراڻا سياستدان، ميڊيا جي مدد سان، شيون جيئن آهن تيئن رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اولهه لاءِ، نسل ڪَشي جي حمايت جو مقصد هڪ "عظيم اسرائيل” قائم ڪرڻ هو. جيڪو وچ اوڀر ۽ ان جي لامحدود وسيلن تي ڪنٽرول ڪندو.
بھرحال ”گريٽر اسرائيل“ هڪ اهڙي آبادي تي ٻڌل هوندو جتي اڪثريت اسرائيل ۽ اولھ جي پاليسين جي مخالف ھوندي. جڏهن ته اهي هڪ متبادل عالمي نظام جي ڳولا ۾ ھوندا. جاگرافيائي طور تي، ان کي عرب ملڪن ۽ مڇريل نوجوانن گھيري رکيو هوندو، جن قتل ٿيندي ڏٺا آهن، جن جي تذليل ڪئي وئي آهي، ۽ جن کي ماريو ُڪٽيو ويو آهي. انهن پنهنجي تعليمي نظام ۽ صحت عامھ جي بنيادي ڍانچي کي مڪمل طور تي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي.
سوال اهو آهي ته ڇا صورتحال ائين ئي جاري رهندي جيئن آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ شيون ڪيئن مختلف هونديون؟ جڏھن تھ ان ۾ شامل مختلف گروهن ۽ قوتن جي ڪردار کي ڏسندي، تبديلي ڪيئن ايندي؟