اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ( پي آءِ اي ) پئرس جي اُڏام لاءِ ڏنل اشتهار تي معافي گهري ورتي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته بدقسمتي سان ان اشتهار کي وڌائي پيش ڪيو ويو ۽ اهڙو تاثر ڏنو ويو جيڪو اداري جو مقصد نه هو.
هي به پڙهندا
” پئرس اسان اچي رهيا آهيون“ پي آءِ اي اشتهار جي جاچ شروع
ترجمان چيو ته اهو اشتهار شايد ڪجهه منفي جذبن جو سبب بڻيو، جنهن لاءِ ادارو معذرت ڪري ٿو.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي ايئرلائين پي آءِ اي جي پئرس لاءِ اُڏامون بحال ٿيڻ جي موقعي تي جاري ڪيل اشتهار جي جاچ جو حڪم ڏنو هو.
هن هفتي سينيٽ جي اجلاس ۾ گفتگو ڪندي سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته قومي ائير لائن جي پيرس واپسي جي اشتهار سبب جگ هنسائي ٿي، ڪهڙي اشتهاري ايجنسي آهي؟ ڪهڙي اهلڪار هن اشتهار کي جاري ڪيو آهي؟