بشريٰ بي بي جو طبي معائنو مڪمل، اڊيالا جيل منتقل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد احتساب عدالت جي طرفان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ملڻ کانپوءِ بشريٰ بي بي کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري اڊيالا جيل جي عورتن واري بيرڪ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٽي ڀيرا ملتوي ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو عمران خان کي ڪرپٽ عملن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي سندس ساٿ ڏيڻ جي الزام ۾ 7 سال قيد جي سزا ڏني وئي.
عدالت عمران خان تي 10 لک ۽ بشريٰ بي بي تي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو.
فيصلي جي وقت عمران خان، بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ جي باني جون ڀينرون ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ عدالت ۾ موجود هئا.
ذريعن موجب، بشريٰ بي بي لاءِ اڊيالا جيل ۾ اڳ ئي هڪ سيل تيار ڪيو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته طبي معائني کانپوءِ بشريٰ بي بي کي ڪجهه دوائون به فراهم ڪيون ويون ۽ کيس ضروري سامان پڻ سندس بيرڪ ۾ منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، بشريٰ بي بي جو سامان بيرڪ ۾ منتقل ڪرڻ کان اڳ مڪمل طور تي چيڪ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.