” پئرس اسان اچي رهيا آهيون“ پي آءِ اي اشتهار جي جاچ شروع

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي ايئرلائين پي آءِ اي جي پئرس لاءِ اُڏامون بحال ٿيڻ جي موقعي تي جاري ڪيل اشتهار جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سينيٽ اجلاس دوران پي آءِ اي کي خانگائڻ جي سلسلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي ته ڇا قومي ايئر لائين جي نجڪاري وارو منصوبو ختم ڪيو ويو آهي يا اڳتي وڃي رهيو آهي؟ پي آءِ اي جا هن وقت 34 مان 19 جهاز هوا ۾ آهن، باقي سڀ گرائونڊ آهن.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته قومي ايئر لائين پئرس واپسي جي اشتهار سبب دنيا اسان تي کلي رهي آهي،
ڪهڙي اشتهاري ايجنسي آهي؟ ڪهڙي عملدار اِهو اشتهار پوسٽ ڪيو آهي؟
سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف پي آءِ اي جي پئرس لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿيڻ جي موقعي تي جاري ڪيل اشتهار جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، ايفل ٽاور جي ويجھو قومي ايئر لائين جي جهاز سان” وي آر ڪمنگ “جو غلط تاثر پيدا ٿيو.
اسحاق ڊار چيو ته اڳوڻي وزير سرور خان جي هڪ بيان کانپوءِ يورپ، برطانيا ۽ آمريڪا اسان جي جهازن تي پابندي لڳائي هئي، پاڻ چيائون ته اسان جا پائليٽ جعلي آهن، ان معاملي تي پي ڊي ايم حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙي.
هن چيو ته ن ليگ جي ٻيهر حڪومت دوران ڪميٽي ٻيهر ڪم ڪيو، مان يو ڪي ۾ اتان جي پرڏيهي سيڪريٽري سان ان معاملي تي ڳالهايو، هاڻي يورپي يونين پي آءِ اي تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته قومي ايئر لائين جا 22 جهاز آپريشنل آهن، 11 انڊر ريپيئر آهن، پي آءِ اي جي نجڪاري ٿيندي، بهتر آهي ته پاڪستان جو ڪارپوريٽ سيڪٽر ان کي وٺي، نجڪاري تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي.
نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته يو ڪي سان قومي ايئر لائين جي اُڏامن بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، انهن جي ٽيم جنوري جي آخر تائين ايندي، اميد آهي ته مارچ اپريل ۾ يو ڪي لاءِ اڏامون بحال ٿي وينديون.
هن چيو ته اسان سفارتي سطح تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي وزير جي بيان سبب 87 ارب رپين جو ساليانو نقصان ٿيو، ڪابينا ۾ اڄ چيو آهي ته پي آءِ اي بابت بيان معاملي تي انڪوائري ٿيڻ کپي، ان بيان جي ڪري پاڪستاني پائليٽن کي به نقصان ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.