ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 14 سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 77 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو.
ڏهه گرام سون جي قيمت 1201 رپيا لاٿ بعد ٻه لک 38 هزار 254 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 14 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 2 هزار 6 سئو 61 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.