ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف 4 وڪٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهي ورتيون.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ملتان ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن جو پهريون سيشن ڪوهيڙي سبب ضائع ٿي ويو.
ماني جي وقفي کانپوءِ ٽاس ٿي، جتي پاڪستاني ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان پهرين اننگز جي شروعات ڊيبيو ڪندڙ محمد هُريرا ۽ شاند مسعود ڪئي، پر ٻئي ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
پاڪستان ٽيم جي پهرين وڪيٽ 16 رنسن جي مجموعي اسڪور تي محمد هريرا جي صورت ۾ ڪِري هو رڳو ڇهه رنسون ٺاهي سگهيو.
ان کانپوءِ شان مسعود، ڪامران غلام ۽ بابر اعظم به گهڻو دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيا ۽ هڪٻئي پٺيان پويلين موٽي ويا.
اسپنرن لاءِ سازگار وڪيٽ تي قومي ٽيم جي ٽن رانديگرن کي ويسٽ انڊيز جي فاسٽ بالر جيڊن سيلز آئوٽ ڪيو، جڏهن ته هڪ اسپنر گرڪيش موتيءَ جي حصي ۾ آئي.
46 رنسن تي چار وڪيٽون وڃائڻ بعد نائب ڪپتان سعود شڪيل ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ٽيم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏئي ڪناري تي آندو.
ٻنهي پنجين وڪيٽ لاءِ 97 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪندي، پنهنجي، پنهنجي ففٽي پڻ مڪمل ڪئي ۽ ڏينهن جي خاتمي تائين ڪريز تي موجود رهيا.
ملتان ٽيسٽ:ويسٽ انڊيز خلاف قومي بيٽر پٽڙي تان لهي ويا، رضوان ۽ سعود ٽريڪ جي ڳولا ۾
You might also like