حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي آئيني بئنچ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي استادن کي اضافي انتظامي عهدن تان نه ھٽائڻ ۽ آفيسرن کي ترقيون نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چانسلر يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، چيئرمين ھائير ايجوڪيشن ڪميشن، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ 34 انتظامي عهدن تي ويٺل استادن کي نوٽيس جاري ڪندي 21 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس ذوالفقار سانگي ۽ جسٽس ارباب علي ھڪڙو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ سيد سجاد حسين شاھه ۽ علي احمد ٽالپر پاران پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ اياز تنيو معرفت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته استادن جي انتظامي عهدن تي مقررين سان سندن آئيني حقن، يونيورسٽي جي ضابطن ۽ سپريم ڪورٽ جي واضح هدايتن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا سالن کان انتظامي عهدن تي پي ايڇ ڊي استادن کي مقرر ڪري لائق انتظامي آفيسرن کي ترقيون ڏيڻ واري عمل کان محروم ڪري رکيو آهي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار پاران وڪالت نامه جمع ڪرايا. عدالت ريماڪس ڏنا ته انتظامي عهدن تي ويٺل استاد پاڻ وڪالت نامه جمع ڪرائين، درخواستگذار کي مليل اسٽي برقرار رکندي عدالت چانسلر يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، چيئرمين ھائير ايجوڪيشن، سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊ، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار ۽ 34 انتظامي عهدن تي ويٺل استادن کي نوٽيس جاري ڪندي 21 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آھي.