ٽي ڀيرا ملتوي ٿيل 190ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

راولپنڊي (م د) تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو، ذريعن موجب عدالتي عملي طرفان ان حوالي سان عمران خان جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد اڄ جمعي ڏينهن صبح ساڍي يارهين وڳي محفوظ فيصلو ٻڌائيندو، واضح رهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 3 ڀيرا ملتوي ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.