شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويا، واقعو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهر جي علڻ شاھ روڊ وٽ پيش آيو. ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 65 ورهين جو مال جو واپاري حسين بخش کوسو مارجي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي تنهن هوندي به وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن مقتول جو لاش تعلقي قبو سعيد خان جي ڳوٺ ڪچي پل پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.