شهيد فاضل راهو جي اڄ 38هين ورسي

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ پاران شھيد عوام فاضل راھو جي 38 ورسي  (اڄ) سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شھيد عوام فاضل راھو جي ڪيل جدوجهد تي روشني وجھندا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد فاضل راهو ساھ جي آخري ھڏڪي تائين قوم وطن سنڌ سان وفادار رھيو، سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف وڙھندو رهيو نيلام بند ڪريو تحريڪ ھجي، ون يونٽ ختم ڪريو. 4 مارچ. سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو. صحافين جي جدوجهد. 83 ۽ 86 تحريڪون ھجن انھن سڀني جدوجھدن ۾ شھيد فاضل جو ڪردار شاندار رھيو، هوڏانهن شهيد فاضل راهو کي سرخ سلام پيش ڪندي عوامي تحريڪ جي  مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي، نيلام بند ڪريو تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي، پليجي ۽ فاضل جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جمهوريت جي بحالي لاءِ ۽ صحافت جي آزاديءَ سميت ڪيتريون ئي جدوجھدون ڪيون، عوامي تحريڪ اڄ به جدوجهد ڪري پنهنجي عظيم اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.