ڪراچي(رپورٽر) ايف پي سي سي آئي وفد پاران سنڌ جي اينٽي ڪرپشن واري وزير کي مختلف کاتن جي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.اينٽي ڪرپشن واري وزير سردار محمد بخش مھر سان ايف پي سي سي آئي جي سينٽرل اسٽينڊنگ ڪميٽي اينٽي ڪرپشن جي وفد جي ملاقات ٿي، وفد ۾ ايف پي سي سي آئي جي رضوان عمر جعفر، سيد اسرار علي ۽ ڊاڪٽر اسماعيل ڀٽو شامل هئا. ملاقات ۾ مختلف کاتن سان ڪاروباري شخصيتن جي سامهون ايندڙ ڪرپشن جي مسئلن تي تفصيلي خيال جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سردار محمد بخش مھر چيو ته ڪاروباري شخصيتن جا سڀئي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ڪرپشن خلاف سنڌ حڪومت سٺو ڪم ڪري رھي آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي ڊجيٽلائيزيشن جي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، ان سان ڪرپشن ۾ پاڻمرادو گهٽتائي ايندي. ملاقات دوران ايف پي سي سي آئي جي رضوان جعفر جو چوڻ هو ته اسان کان مختلف کاتن ۾ جائز ڪمن جي به رشوت گھري پئي وڃي، جنھن تي صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر جو چوڻ هو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف شڪايت ملڻ جي صورت ۾ بروقت ڪارروائي ڪئي ويندي.