عوامي خدمت سنڌ سرڪار جو عزم آھي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ سرڪار جي نين مقرر ٿيل ترجمانن جو ھڪ اھم اجلاس ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ  ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي حڪومت جي  موصلاتي حڪمت عملي کي وڌائڻ، عوامي خدش کي اثرائتي انداز ۾ ختم ڪرڻ وارن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمانن گنھور خان اسراڻ، ھير سوھو، نادر نبيل گبول، سکديو آسرداس ھيمناڻي، بلند خان جوڻيجو، سميتا افضال  سيد، سيد تحسين عابدي، سيد عقربا فاطمھ، مصطفيٰ بلوچ ، اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت جي بيانئي، ميڊيا  سان لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ سنڌ سرڪار پاران عوامي فلاح ۽ بھبود جي منصوبن جي اثرائتي تشھير جي لاءِ حڪمت عملين تي جامع بحث ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ حڪومتي ترجمان تمام وڏي ذميواري آھي، سنڌ سرڪار اوھان کي ھي ذميواري سونپي آھي، حڪومت چاھي ٿي تھ ماڻھن کي عوام جي لاءِ حڪومتي منصوبن جي حوالي سان مڪمل آگاھي رھي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزنري قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ محترمھ فريال ٽالپر جي رھنمائي ۾ عوامي خدمت سنڌ سرڪار جو عزم آھي، هن چيو ته  سنڌ جي ماڻھن  جو اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ شفافيت ۽ اثرائتو رابطو وڏي اھميت وارو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.