پگهاردار طبقي تي مڙهيل ٽئڪس جي رڪارڊ اوڳاڙي

تحرير: اعجاز ممنائي

اسان جي ماڻهن جو ھڪ اھڙو مائينڊ سيٽ جڙي ويو آھي ته 5 سيڪڙو اشرافيه ئي اسان جا والي وارث آهن. ملڪ به انهن جو آهي ،پاور انهن وٽ آهي،پئسو انهن وٽ آهي،وسيلن جا مالڪ به اهي ئي آهن قدرتي وسيلا ورھائڻ ۽ کپائڻ جا اختيار به انهن وٽ آهن. ملڪ جي عوام جو فيصلو هڪ پاسي پر اشرافيه جو فيصلو ان جي مخالفت ۾  ٻئي پاسي آهي،5 سيڪڙو اشرافيه جي من ماني ڪري، عوام هرو روز نئين عذاب مان گذري ٿو پر ”ڪڇان ته ڪافر“ واري ڪار سبب هو ماٺ ڪيو ويٺا آهن ۽ اشرافيه سمجھي ٿي ته اسان عوام کي چريو بڻائي مٿن ھميشه لاءِ حڪمراني ڪندا رهنداسين. پر اها سندن ڀل آهي.عوام ظلم سهي سهي نيٺ بيدار ٿي اٿندو جيئن بنگلاديش ۽ ڏکڻ ڪوريا جو عوام اٿيو.

حقيقت ۾ طاقت جو سرچشمو عوام آھي،عوام سمجھي پيو ته حڪمران اسان جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهن، عوام جي ٽئڪس تي پلجندڙ حڪمران زبردستي عوام مٿان ٽئڪس مڙهي خوشي جو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا. ملازم جي پگھار ھڪ اجرت آھي، ڪا پيداوار ناھي. اجرت تي ٽئڪس ڪنھن به ملڪ ۾ ناھي پر اسان وٽ انڌير نگري آهي جو 50 هزار کان مٿي پگهار کڻندڙ ملازمن کان زبردستي ٽئڪس اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي.

سرڪاري ملازم جنهن جو انڪم ٽيڪس ڪٽجي ٿو انھي تي 500 روپيه پروفيشنل ٽئڪس ھر سال مئي جي مھيني جي پگھار مان ٽريزري ڪٽي سنڌ سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪندي آهي، پر ايف بي آر مطابق ملڪ جا 5 سيڪڙو  امير ترين ماڻهو جن جي ملڪيت ٽرلينس ۾ آهي ٽئڪس ادا نه پيا ڪن پر جيڪي 50 ھزار کان مٿي پگهار کڻندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ٽئڪس سان گڏ ڊسمبر مھيني ۾ 2 ھزار روپيا پروفيشنل ٽئڪس ملازم تائين پگهار پھچڻ کان اڳ ڪٽجي وئي.اهڙو تماشو ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) پاران هڪ رپورٽ جاري ڪئي ويئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ٽيون وڏو شعبو بڻجي ويو آهي.  فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي دستاويز موجب، سال 2023-24 دوران پگهاردار طبقي کان 368 ارب ٽيڪس اوڳاڙيو ويو ۽ پگهاردار طبقي 2022-23 جي ڀيٽ ۾ 103 ارب 74 ڪروڙ وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو .

دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 39.3 سيڪڙو واڌارو ٿيو، ڪنٽريڪٽس، بئنڪ وياج ۽ سيڪيورٽيز ٽيڪس ادائيگي ٽاپ نمبر تي آهن. دستاويز موجب، ڪنٽريڪٽس وٽان 496 ارب ٽيڪس گڏ ٿيو ۽ ان شعبي ۾ 106 ارب کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بئنڪن جي وياج ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ 489 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويو.بئنڪن ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ ٽيڪس ۾ ساليانو بنياد تي 52.8 سيڪڙو واڌارو ٿيو، منافعي جي ورڇ تي 70 سيڪڙو واڌ سان 145 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو.ان کانسواءِ بجلي جي بلن تي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 30 سيڪڙو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 124 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ملڪيت جي خريداري تي 104 ارب، وڪرو تي 95 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو، ٽيلي فون بلز تي ٽيڪس وصولي ۾ 14.3 سيڪڙو واڌ سان اٽڪل 100 ارب جمع ٿيا، برآمدي شعبي 27.2 سيڪڙو واڌ سان رڳو 94 ارب ٽيڪس ادا ڪيو، ٻين ٽيڪس شعبن ۾ ٽيڪنڪلي فيس، ڪيش ڪڍرائڻ، ڪميشن، رٽيلرز شامل آهن. افسوس ان ڳالهه تي آهي ته سياستدانن بيوروڪريٽ ۽ اسٽبلشمينٽ جي پگهارن ۽ مراعتن تي ڪوبه ٽئڪس ناهي جيڪڏهن 5 سيڪڙو اشرافيه ٽيڪس فري آهي ته پوءِ  ننڍن ملازمن تي زبردستي ٽئڪس مڙهڻ ڪٿان جو انصاف آهي سپريم ڪورٽ کي فوري طور سوموٽو ايڪشن وٺي ملازمن کي ٽئڪس کان آجو قرار ڏنو وڃي ۽ ڪٽيل پگهارون واپس ڪرايو وڃن. ڇوته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي، دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو بار، ملازمن جي پڙهندڙ ٻارن جون فيسون ۽ ٻين خرچن جو مٿس ايترو بار آهي جو هو پنهنجي پگهار مان گذر سفر نه ڪري سگهي ۽ نه ئي گهر جو چرخو هلائي سگهي ٿو. ان جي باوجود سرڪار پاران هر ڏکئي وقت ۾ پگهارن جي ڪٽوتي به ملازمن کان ڪئي وڃي ٿي جيڪو سراسر ظلم آهي. انڪري حڪومت کي ملازمن مٿان ٽئڪس جو بوجهه هٽائي سندن پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي ته جيئن کيس ڏنل زميواري احسن طريقي سان نڀائي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.