لاس اينجلس ۾ ستين ڏينهن به باهه نه وسامي

ڪيليفورنيا (م ڊ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ 7 ڏينهن گذرڻ باوجود باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، باهه سبب فوتين جو انگ 24 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 16 ڄڻا گم آهن، باهه تي ضابطي لاءِ جهازن ذريعي گلابي پائوڊر اڇلايو پيو وڃي، اهو مادو باهه کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پرڏيهي ميڊيا موجب لاس اينجلس ۾ گهرن ۽ عمارتن جي ڇتن، ڪارن ۽ گهٽين تي هر طرف چمڪندڙ گلابي پائوڊر نظر اچي رهيو آهي، اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته گذريل هفتي دوران هزارين گيلن گلابي پائوڊر استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي، ’فوس چيڪ‘ نالي اهو پائوڊر ’پريميٽر‘ نالي ڪمپني طرفان وڪرو ڪيو ويندو آهي، هي پائوڊر 1963ع کان آمريڪا ۾ باهه وسائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيليفورنيا ڊپارٽمينٽ آف فاريسٽري اينڊ فائر پروٽيڪشن پڻ هن پاؤڊر کي ڪجهه عرصي کان استعمال ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.