سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو نقصان ٿيندو\گورنر پنجاب

لاهور (م ڊ) گورنر پنجاب سردار سليم حيدر چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏهن ساٿ نه ڏئي ها ته اڄ نه حڪومت هجي ها نه ئي سسٽم هلي ها. هاڻي به وزيراعظم کي بلاول ڀٽو زرداري جي خدشن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي نه ته ائين نه ٿئي جو شيون هٿن مان نڪري وڃن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو مڃڻو پوندو ته صوبن کي سندن ضرورتن موجب پورو پاڻي ناهي ملي رهيو، پاڻي جي معاملي تي سنڌ کي اڳ ئي کوٽ آهي، ان صورت ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته نقصان سنڌ جو ٿيندو. صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪئنال ڪڍڻ جو عمل قبول نه هوندو. پيپلزپارٽي جي آخري حد تائين ڪوشش هوندي ته شيون بهتر هجن ۽ سسٽم هلي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.